ميهڙ ڀرسان مبينا مقابلو، هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار

ميهڙ ( س ر ) ميهڙ پوليس پاران ميھڙ فريدآباد روڊ تي مبينه پوليس مقابلي ۾ هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار ٻه ڄڻا فرار اسلحہ ھٿ ڪيو ويو  آھي جڏنھن تہ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جي سڃاڻپ عبدالغفار عرف ڇٽو برهماڻي طور ٿي آھي زخمي کي تعلقه اسپتال ميهڙ آندو ويو ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون موجب ميھڙ فريدآباد روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ٽن ڏوھارين ميھڙ اي سيڪشن پوليس کي ڏسي سڌي فائرنگ ڪئي.  جنھن سبب پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري عبدالغفار عرف ڇٽو برهماڻي کي زخمي حالت م گرفتار ڪيو ۽ ٻه ساٿي فرار ٿي ويا آھن ھڪ بندوق ۽ ڪارتوس پڻ ھٿ ڪيا ويا آھن زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار 9 ڪيس ۾ پوليس کي گهربل هيو وڌيڪ ڪيسن جا تفصيل گڏ ڪري رهيا آھيون ۽ فرار ٿيندڙ ڏوھارين جي گرفتاري لاء سرچ آپريشن ڪيو وڃي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.