مڪاني چونڊون ۽ سڪرنڊ جي سياست جو تجزيو

تحرير:مير ذوالفقار چانڊيو

سڄي سنڌ جيان سڪرنڊ ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون زور شور سان جاري آهن رٺلن کي پرچائڻ پراون کي پنهنجو ڪرڻ جي موسم تيزيءَ سان ھلي رھي آھي سياسي حوالي سان نواب شاھ ضلعو خاص ڪري سڪرنڊ تعلقو وڏي اھميت رکندڙ آهي ڇو ته ھي ضلعو پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت جو اباڻو شھر ھجڻ ڪري سنڌ جي ماڻھن جي توجهھ جو مرڪز رهي ٿو سڪرنڊ تعلقي جي سياسي اھميت به ڪجھه اھڙي ريت آهي جو ھن صوبائي تڪ تي قومپرست اڳواڻ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سائين جي ايم سيد جو پوٽو زين شاھ گذريل ڏھن سالن کان سياسي طرح وڏو سرگرم آهي گذريل ٻن عام اليڪشن ۾ سڪرنڊ جي صوبائي تڪ تان اميدوار ھجڻ ڪري ھن تڪ ۽ شھر کي وڏي اهميت حاصل آهي ڪجھه ڏينهن اڳ سڪرنڊ جي هڪ معزز صحافي جي قلم سڪرنڊ جي سياسي صورتحال تي پنھنجي طرفان ھڪ مضمون لکيو ھو جنھن کي پڙهي محسوس ٿيو ته  ايڏي خطرناڪ رپورٽ يا کڻي چئجي ته ڪرامتي تجزيو پيش ڪري سڪرنڊ شهر سميت آسپاس ۾ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي کي شڪست ڏئي باقي مخالفن توڙي آزاد اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ جو ڇا مقصد آهي.

اڄ تائين سڪرنڊ جي سياسي صورتحال موجب سندس مضمون توڙي ڪرامتي تجزيو مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي سياست جي ادني شاگرد جي حيثيت سان ڪوشش ڪري سندس رپورٽ جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ته، اڄ ڪلهھ سڪرنڊ جي سياسي صورتحال ڪجهھ ھن ريت آهي، قاضي جي قلم پنھنجي مضمون ۾ سڪرنڊ جي معزز راھو برادريءَ جي لاءِ لکيو ته چار ڀائر ھڪ ٻئي جي سامھون اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن جيڪو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سونھري اکرن سان لکيو وڃي پر حقيقت ۾ ھن وقت تائين 3 ڀائر اليڪشن وڙهڻ واري فيصلي تان دستبردار ٿي چڪا آهن باقي 3 ڀائر پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان اليڪشن وڙھي رھيا آھن جيڪا ليکڪ جي اڳڪٿي غلط ثابت ٿي ۽ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ لکرائڻ واري ڳالھه مان وزن ختم ٿي ويو ليکڪ پاران يوسي مجيد ڪيريو جي لاءِ تجزيو ڪندي لکي ٿو ته اتي ڪيريا برادري کي ٽڪيٽ نه ملڻ ڪري راجا ارشاد ڪيريو خاندان ناراض آھي جيڪي پيپلز پارٽي لاءِ آزمائش پيدا ڪري سگھن ٿا پر حقيقت ۾ ڪيريا برادري طرفان اھڙي ڪا به ناراضگي سامھون نظر نه اچي سگهي آهي جنھن سان پيپلز پارٽي کي نقصان پھچي سگھي باقي ٽڪيٽ نه ملڻ ڪري ذاتي طرح ڪيريا برادري کي ڏک ضرور ٿيو ھوندو وارڊ نمبر ھڪ جي لاءِ لکي ٿو ته ھتي نوراحمد رند کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي ڪري سندن چڱو مڙس رئيس اصغر رند صاحب پارٽي کان پاسيرو ٿي ويو آهي حقيقت ۾ ان سيٽ جو فيصلو اصغر رند کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي ان وارڊ ۾ پڻ اصغر رند پيپلز پارٽي اميدوار جو حمايتي آهي ليکڪ پاران وارڊ نمبر 2 جي لاءِ لکي ٿو ته پيپلز پارٽي اميدوار امتياز راھو ڪامياب ٿيندو پر سندس سامھون آزاد اميدوار طور بيٺل پيپلز پارٽي جو ڪارڪن عبدالخالق مگسي کيس پريشان ڪري سگھي ٿو ھن وقت ان وارڊ ۾ عبدالخالق مگسي امتياز راھو جي حمايت ۾ ھٿ کڻي سندس ورڪ ڪرڻ لڳو آهي ليکڪ وارڊ نمبر 8 جي لاءِ لکي ٿو ته پيپلز پارٽي طرفان جاويد سومرو کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي ڪري اتي اڪثريت رکندڙ برادريون جنھن ۾ ڪيريا کوکر خانزاده ان فيصلي تي ڪاوڙيل آهن پر حقيقت ۾ ان وارڊ اندر سومرا برادري جي اڪثريت آهي جيڪا ان فيصلي کي پنھنجي لاءِ اعزاز سمجھي رھي آھي ان ڪري ڪجهھ برادرين کي اعتراض ضرور ھئا جيڪي ھن وقت تائين ختم ڪري پيپلز پارٽي جي اميدوار جا ٻانھن ٻيلي بڻجي چڪا آهن باقي ان وارڊ تي آزاد اميدوار طور بيٺل محمد صالح ڪيريو ھڪ ٻن ڏينهن ۾ ھٿ کڻي پيپلز پارٽيءَ سان گڏجي ويندو.

وارڊ نمبر 9 تي ليکڪ پنھنجي راء جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته پيپلز پارٽي طرفان ساڳئي ڪائونسلر اصغر انصاري کي سيٽ ڏني وئي آهي پر ھن دفعي سندس مقابلي جي لاءِ رائو ظفرالله آزاد اميدوار ظاهر ڪيو آهي حقيقت ۾ ھن وارڊ تي پڻ انصاري برادري جي اڪثريت سان گڏ خاصخيلي ڪيريا برادري جو ڪافي ووٽ بينڪ آهي جيڪي سڌي طرح پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ آهن جيڪي پڻ ھن وارڊ تي ساڳئي ڪائونسلر کي ڏسڻ چاھين ٿا وارڊ نمبر 11 تي ليکڪ ڪرامتي تجزيو پيش ڪيو ھو ته ھن وارڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار خلاف پيپلز پارٽي مان آزاد اميدوار بيٺل آصف خانزادي جو پٽ وھاج آصف خانزادو مضبوط اميدوار ھوندو سندس مضبوطي صرف پيپلز پارٽي سان وابستگي جي ڪري ھئي جيڪا سندس ختم ٿيندي پئي وڃي باقي سندس ڪاميابي جا ڪي خاص امڪان نه آهن. وارڊ نمبر 15 تي پيپلز پارٽيءَ طرفان علي گل جلالاڻي کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ ليکڪ پاران لکيو ويو ته ھن وارڊ تي پيپلز پارٽي سڪرنڊ جي مرڪزي اڳواڻ علي نواز چانڊيو جو ڀاءُ شاھنواز چانڊيو آزاد اميدوار طور سامهون اچڻ ڪري سندس ڀاءُ علي نواز چانڊيو سندس حمايت ۾ ورڪ ڪرڻ سان گڏ پنھنجو ووٽ به ان کي ڪرائيندو پر اڄ جي حقيقت ھي آھي ته ھن وارڊ تي آزاد اميدوار طور بيٺل شاھنواز چانڊيو ھٿ کڻي چڪو آهي ۽ پنھنجي راڄ ڀاڳ سميت پيپلز پارٽي جي اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي آهي سڪرنڊ مان ليکڪ کي تفصيلي جواب ڏيڻ جو مقصد ته اليڪشن کان مھينو اڳ پنھنجو ڪرامتي تجزيو ۽ رپورٽ جاري ڪرڻ وقت جو زيان ھوندو آھي وڏي ڳالھه ته اليڪشن ۾ بيھڻ جي لاءِ ھزارين ماڻھو فارم وٺي ايندا آهن پر جمع وڃي ڪجهھ ٿيندا آهن جنهن کان پوءِ اليڪشن ۾ ھٿ کڻڻ جو مرحلو ھوندو آھي جنھن ۾ پڻ ڪافي آزاد اميدوار دستبردار ٿي ڪري سڪون جي ننڍ وڃي ڪندا آهن ان کان پوءِ جڏھن اميدوارن کي ورڪ ڪرڻ جي اجازت ملندي آهي ته ان ۾ اڃا وڌيڪ اميدوار پڻ دستبردار ٿي وڃن ٿا جنھن سان حقيقي مقابلي ڪرڻ جي لاءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اميدوار بچن ٿا جنھن جي ڪري اليڪشن جي اعلان ٿيڻ سان ڪرامتي تجزيو ڪري پنهنجي طرفان ڪاميابي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ يا وري اميدوارن کي ھارائڻ جو خوف ڏيارڻ ھڪ حقيقي تجزيي نگار يا ڪالم نگار جو ڪم نه آهي حقيقت ۾ اليڪشن دوران پنھنجو تجزيو ڪرڻ به انتھائي مشڪل ھوندو آھي پر اليڪشن ٿيڻ جي ويجھي عرصي ۾ پنھنجي راءِ جو حقيقي اظهار ڪجي ته ان ۾ ڪٿي غلط رپورٽ ثابت نه ٿي سگهندي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.