دنيا جو سڀ کان بهترين ايئرپورٽ ڪهڙي ملڪ جو آهي؟ فهرست جاري

 

نار رياست قطر جي عالمي هوائي اڏي دنيا جي سڀ کان بهترين ايئرپورٽ جو اعزاز ماڻي ورتو.

اسڪائي ٽريڪس نالي ايئر لائن ڪنسلٽنگ گروپ 2022 لاءِ دنيا جي بهترين ايئرپورٽن جي سالياني فهرست جاري ڪئي آهي.

ان فهرست ۾ پهرين پوزيشن هڪ ڀيرو ٻيهر قطري تخت گاهه دوحا جي حماد انٽرنيشنل ايئرپورٽ حاصل ڪئي آهي، سال 2021 ۾ به دوحا جو حماد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ان فهرست ۾ پهرئين نمبر تي آيو هو.

دنيا جي بهترين ايئرپورٽن جي فهرست ٽرمينل لي آئوٽ، واءِ فاءِ جي فراهمي ۽ ريسٽورنٽس وغيرا جي حوالي سان ڏنل عام راءِ کي نظر ۾ رکندي جوڙي ويندي آهي.

دنيا جي 550 انٽرنيشنل ايئرپورٽن مان سڀ کان بهترين 5 ايئرپورٽن جو واسطو ايشيا سان آهي، جڏهن ته ٻيا 5 يورپي آهن.

فهرست موجب بهترين ايئرپورٽن ۾ ٻئي نمبر تي ٽوڪيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ رهيو، پئرس جو چارلس ڊيگال ايئرپورٽ ڇهين نمبر تي، جرمني جو ميونخ ايئرپورٽ ستين نمبر تي رهيو.

فهرست ۾ استنبول جي ايئرپورٽ اٺين، زيورخ جي ايئرپورٽ نائين ۽ جاپان جي ڪانسي ايئرپورٽ ڏهين پوزيشن ماڻي، جڏهن ته آمريڪا جو ڪو ايئرپورٽ فهرست ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.