عامر لياقت جي قبرڪشائي واري معاملي تي اشنا شاهه چپ نه ويٺي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز اندسٽري جي مشهور اداڪارا اشنا شاهه عامر لياقت حسين جي قبر ڪشائي جي حڪم تي رد عمل ڏنو آهي.

اشنا شاهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هن شخص کي هاڻي هن دنيا مان وڃڻ کانپوءِ آرام ڪرڻ ڏيو.

اداڪارا چيو ته قبر مان عامر لياقت حسين جو مڙهه ڪڍڻ، سندس ٻارن کي وڌيڪ اذيت ڏيندو.

هن وڌيڪ چيو ته هو اڳ ئي ازيت مان گذري چڪو آهي.

ان کان اڳ اشنا شاهه هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته عامر لياقت حسين کي هڪ عورت عوامي طور تي اگهاڙو ڪري ڇڏيو هو جنهن سان هن قانوني طور تي شادي ڪئي هئي، هو بي عزت ٿي دنيا مان هليو ويو. جنهن به سندس وڊيوز شيئر ڪيون، سندس مذاق اڏايو، مٿس کليو انهن سڀني هٿان عامر لياقت جو خون ٿيو آهي ۽ اسان جا هٿ به عامر لياقت جي رت سان رڱيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.