گهرو وزارت پاران ڪارن شيشن جي جعلي اجازت نامن جو نوٽيس

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) گهرو وزارت ڪارن شيشن جي جعلي اجازت نامن جو نوٽيس وٺندي ڊي جي ايف آءِ اي کي فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.  گهرو وزارت جي ترجمان مطابق گهرو وزارت جي نالي سان  گاڏين جي ڪارن شيشن جي جعلي اجازت ناما جاري ڪرڻ ۽ اجازت نامن جي اصليت ڄاڻڻ لاءِ جعلي ويب سائيٽن استعمال ڪرڻ جي انڪشاف کان پوءِ گهرو وزارت غيرقانوني اجازت ناما ٺاهيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. گهرو وزارت ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي کي جعلسازن خلاف ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون. خط ۾ چيو ويو ته جعلساز گهرو وزارت جو نالو استعمال ڪندي دوکو ڏئي عوام کي جعلي اجازت ڏئي رهيا آهن. جعلساز ڪارن شيشن جي اجازت نامن عيوض ڳري رقم وصول ڪري رهيا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.