اسلام آباد(م ڊ) پ پ جي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان کي اسرائيل سان پنهنجن لاڳاپن کي ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي، هن چيو ته اسان پنهنجي مفادن کي ڏسڻ گهرجي ته اسرائيل سان ڊيل ۾ اسان جو مفاد آهي يا نه، وچ ايشيا جا ملڪ اسرائيل سان ڳالهائي رهيا آهن، سفارتي لاڳاپا قائم ڪري رهيا آهن ۽ واپار به ڪري رهيا آهن، ڊان نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ سليم مانڊوي والا چيو ته اسان کي ڪنهن به ملڪ سان ڳالهين جو عمل ۽ واپار روڪڻ نه گهرجي، ماڻهو اسرائيل تي تنقيد ڪندا آهن پر اسان کي پنهنجا مفاد ڏسڻا آهن، هن چيو ته ڀارت سميت ڪنهن به پاڙيسري ملڪ سان ڳالهين جا دروازا بند نه ٿيڻ گهرجن.