نئين ڳوٺ مان چور سولر موٽر چوري ڪري فرار

راڌڻ (ن ع آ) سنڌ جي مشھور درگاھ سئيدي موساڻي  نئون ڳوٺ شھر ۾ ڪالھرات دير سان نامعلوم چورن پاران نئون ڳوٺ پوليس اسٽيشن پٺيان حافظ اشرف پيرزادو جي دڪان تان سولر موٽر چوري ڪري فرار ٿي وڃڻ تي آصف پيرزادو صحافين اڳيا دانھيندي چيو ته رات دير سان نامعلوم چورن پاران اسان جي ڪرياني جي دڪان تان سولر موٽر چوري ڪري آساني سان فرار ويا جڏھن ته اسان اھڙو اطلاع نئون ڳوٺ پوليس کي پڻ ڏنوسين پر ٿاڻي تي ويٺل پوليس عملي پاران ايس ايڇ او نه ھجڻ جو جواز ڄاڻي اسان کي واپس موٽائي ڇڏيو ھنن وڌيڪ چيو ته نئون ڳوٺ پوليس جي نااھلي لاپرواھي ھجڻ سبب چورن پاران روڊن رستن تي پنھنجا ديرا ڄمائڻ سبب ڦرون چوريون ڌاڙا ھر روز جو معمول بڻيل ھجڻ ڪري اسان غريب مسڪين ماڻھون پنھنجن گھرن ۾ به محفوظ نه آھيون جنھن ڪري اسان آء جي سنڌ ، ڊي آء جي حيدرآباد ، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته ھن مسئلي جو نوٽس وٺي سولر موٽر چوري جي ڏوھ ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرائي سندن مٿان ڪيس داخل ڪري اسان کي چوري ٿيل سولر موٽر واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي . نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي  سخت احتجاج ڪيو ويندو.

  • سي پي اين اي طرفان روزاني هاٽ لائين جي چيف ايڊيٽر سان گهر واريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت

ڪراچي ( پ ر ) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز ( سي پي اين اي )  جي اسٽيئرنگ  ڪميٽي جي ميمبر روزاني هاٽ لائين لاهور جي چيف  ايڊيٽر ذوالفقار احمد راحت جي گهر واري جي وفات تي گهري ڏک ۽ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ، هڪ گڏيل بيان ۾ سي پي اين اي جي صدر  ڪاظم خان،  سيڪريٽري جنرل عامر محمود سميت ٻين عهديدارن ۽ ميمبرن  سي پي اين اي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ميمبر روزاني هاٽ لائين لاهور جي چيف ايڊيٽر ذوالفقار احمد جي گهر واري جي وفات تي تعزيت ڪندي غم ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ مرحومه جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰٰ کيس جنت ۾ جاءَ عطا فرمائي ۽ سوڳوارن کي  صبر ۽ جميل عطا ڪري.

  • نوابشاهه ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن جي ريلي

نوابشاھ(ڊ ر) سپاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي شھيد بينظير آباد پاران ھڪ ريلي افضال شاھ ٽائون کان ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت  ڪرڻ بعد نوابشاھ پريس ڪلب پھتي جتي اڳواڻن طارق لغاري، جھانگير ملاح، شھزاد شاھاڻي، ساجد بروھي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي بنا مقابلي کٽيندڙ سنڌ جي سمورن ڪارڪنن کي اسان مبارڪ باد ڏيون ٿا ھنن چيو تہ اسان کي يقين آھي تہ سڄي سنڌ ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙھندڙ اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا ڇو تہ پيپلزپارٽي ھن ملڪ جي واحد پارٽي آھي جيڪا عوام جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪندي رھي ٿي ڇو تہ پيپلزپارٽي ھميشہ غريب ۽ مسڪين ماڻھن کي روزگار ڏنو آھي . ھنن چيو تہ پيپلزپارٽي جا مخالف ڪيتريون بہ ڪوششون ڪن پر پيپلزپارٽي جي ٽيڪٽ ھولڊرن کي ھارائڻ تمام ڏکيو ڪم آھي ۽ انشا اللھ 26 جون تي اسان سڄي سنڌ ۾ پنھنجي فٽح جو جشن ملھائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.