”شاهه رخ خان جو ههڙو حال ڪيئن ٿيو؟“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) چهرو انسان جي سڃاڻ هوندو آهي ۽ پوءِ گهڻو ڪري شوبز فنڪارن کي پنهنجي چهري جي ڪري ئي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ملندو آهي پر شاهه رخ خان جي هڪ تصوير انٽرنيٽ واهپيدارن کي ڳڻتي ڏئي ڇڏي آهي.

تصوير ۾ شاهه رخ خان جو اهڙو روپ ڏسي مداح حيران ٿي ويا آهن ته شاهه رخ خان جي ههڙي ڪٽائي ته ڪڏهن ناهي ڏٺي؟

واهپيدار چئي رهيا آهن شاهه رخ خان جي وارن جو اسٽائل ته جديد هوندو آهي ۽ هن تصوير ۾ ڪلين شيو ۽ هيئر اسٽائيل ئي تبديل نظر اچي رهيو آهي ڇا هو بيمار ٿي پيو آهي؟

حقيقت اها آهي ته هي تصوير شاهه رخ خان جي ناهي پر سندس همشڪل جي آهي جيڪو ڀارتي رياست راجسٿان سان واسطو رکي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.