بدين: آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ضلعي ۾ ماستري جون خالي پيل جايون ظاهر نه ڪرڻ خلاف احتجاج

بدين ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران ضلعي ۾ ماستري جون خالي پيل جايون ظاهر نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن اسد الله بروهي، دانش نور، هاشم سومري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري، ڊي اي او بدين خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي اميدوارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدين ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر تعليم کاتي جي ماستري جون خالي پيل جايون ظاهر ڪري 40 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن جا فارم جمع ڪرڻ واري هدايتن باوجود عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته ڊي اي او بدين رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون خالي پيل جايون ظاهر ڪري من پسند اميدوارن کان فارم وٺي رهيو آهي، جيڪا غريب اميدوارن سان سڌي سنئين زيادتي آهي.

اميدوارن سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته ضلعي اندر خالي پيل جايون ظاهر ڪري 40 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن، جڏهن ته ٻين صوبن جا ڊوميسائل رد ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.