ڪنڌڪوٽ ۾ شاگردن لائيبريري انتظاميا کي مبينا طور ڌميڪون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
شاگردن رسول بخش، عباس مهراڻ، ماجد حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي شاگردن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته فياض چولياڻي نالي شخص لائبريري انتظاميا ۽ شاگردن کي لائبريري بند ڪرڻ ۽ باهه ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
سندن چوڻ هو ته خوف واري ماحول ۾ سيلف اسٽيڊي ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، خدشو آهي ته ڄاڻايل شخص نقصان پهچائندو، ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪري.