ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ سکن جي گردواري تي حملي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حملي آورن ڌماڪيدار مادي سان ڀريل هڪ ڪار کي پنهنجي هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
نوار تصویری؛ بامداد امروز منطقه کارته پروان شهر کابل شاهد انفجارهای پیهم بود.#طلوعنیوز pic.twitter.com/rRFfqx0AEO
— TOLOnews (@TOLOnews) June 18, 2022
گردواري جي هڪ عهديدار گورنام سنگهه چيو ته گردواري ۾ تقريبن 30 ماڻهو موجود هئا، اسان کي خبر ناهي ته انهن مان ڪيترا جيئرا آهن.
ڪابل جي ڪمانڊر جي ترجمان چيو ته سندن فورسز علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي ۽ ان کي حملي آورن کان پاڪ ڪري ڇڏيو آهي.