دانيا ڏچي ۾، ايف آءِ اي تحت ڪارروائي جي درخواست

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرحوم ٽي وي اينڪر ۽ ايم اين اي عامر لياقت جي ٽين گهرواري خلاف نازيبا وڊيو وائرل ڪرڻ تي ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ دسٽرڪٽ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ هڪ سماجي تنظيم عامر لياقت حسين جي ٽين گهرواري دانيا پاران نازيبا وڊيوز وائرل ڪرڻ تي ايف آءِ اي کي ڪاروائي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

وڪيل جميل ورڪ ايڊووڪيٽ جي معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت ايف آءِ اي کي دانيا خلاف سائبر ڪرائم تحت ڪارروائي جو حڪم ڏئي، هن مڙس عامر لياقت جون نازيبا وڊيوز وائرل ڪيون، دانيا سڄي دنيا م پاڪستاني عورتن جي عزت مجروح ڪئي آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دانيا جي حرڪت سان پاڪستاني عورتن جو ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو، معمولي تڪرار تي پنهنجي مڙس جون نازيبا وڊيوز وائرل ڪرڻ جي دانيا کي سزا ملڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.