اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز وري وڌڻ لڳا، هاڪاري ڪيسز جي شرح 1.77 سيڪڙو تائين پهچي وئي.
صحت جي قومي اداري موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 12 هزار 906 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 151 ڄڻن ۾ ڪورنا جي تصديق ٿي آهي.
هاڪاري ڪيسز جي شرح 1.77 سيڪڙو رهي، ڪورونا سبب 58 ڄڻا ڪريٽيڪل ڪيئر ۾ آهن.
صحت کاتي موجب اسلام آباد ۾ ڪورونا جا 1567 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن دوران 48 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ڪورنا هاڪاري ڪيسز جي شرح 3.06 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.