ڪينسر جي خاتمي واري ويڪسين انسانن تي آزمائش لاءِ تيار

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن ڪينسر جي هر قسم جي ٽيومر جي خاتمي لاءِ ٺاهيل ويڪسين جي جانورن تي ڪامياب آزمائش کانپوءِ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هن جي آزمائش انسانن تي به ڪامياب ٿيندي.

طبي رسالي نيچر ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب آمريڪي ماهرن طرفان ڪوئن ۽ ڀولڙن تي ڪيل تحقيق جي سٺن نتيجن کانپوءِ هاڻي ڪينسر ويڪسين جي انسانن تي آزمائش شروع ڪئي ويندي.

ماهرن ڪينسر جي هر قسم جي ٽيومر کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ويڪسين کي مختلف ڪينسرز ۾ مبتلا ڪوئن ۽ بريسٽ ڪينسر ۾ مبتلا ڀولڙن تي آزمايو.

تحقيق دوران ماهرن ڏٺو ته ويڪسين لڳائڻ سان هر قسم جي ٽيومر جا ڪينسر يا ختم ٿي رهيا آهن يا وري ڪينسر واپس موٽي وڃي ٿو جڏهن ته آپريشن کانپوءِ ويڪسين لڳائڻ جي هڪ مهيني اندر ئي ڪينسر گم ٿي وڃڻ جا نشان مليا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.