جماعت اسلامي پاران مهانگائي خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير۽ اڳوڻو ايم اين اي محمد حسين محنتي  چيو آهي ته  حڪمران آءِ ايم ايف  جي ڊڪٽيشن تي عمل ڪري مهانگائي جو طوفان ۽ عوام جي رت چوسڻ ۾ مصروف آهن. ڳاٽي توڙ مهانگائي ۽ خراب حڪمراني جي ڪري ملڪ معاشي ۽ سياسي طور تي بحران ۾ ۽ عوام ماني جي ٻن ويلن لاءِ پريشان آهي.آچر 19 جون تي جماعت اسلامي طرفان پيٽرول قيمتن ۾ واڌ ۽ مهنگائي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا اسلامي نظام ۽ ديانتدار قيادت ئي سڀني مسئلن جو حل آهي  اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي ضلعي اڳواڻن جي اجلاس ۾ خطاب دوران ڪيو ، ان موقعي تي صوبائي نائب امير ۽ چونڊ ناظم ممتاز حسين سهتو، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، سيڪريٽري اطلاعا ت مجاهد چنا سميت ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.