ايف اي ٽي ايف پاران ڏنل 34 هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوششن رنگ لاٿو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) ۾ ڏنل 34 هدفن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن  رنگ لاٿو آهي، ٽيرر فنانسنگ جي 27 ۽ مني لانڊرنگ جي 7 پوائنٽس تي عملدرآمد يقيني بڻائي پاڪستان هڪ ذميوار رياست جو ثبوت ڏنو آهي. پاڪ فوج ان ۾ مُک ڪردار ڪيو، حڪومت ۽ قومي ادارن سان ملي ڪري سمورن نُڪتن تي عملدرآمد کي يقيني بنايو. هندستان جي ڪوشش هئي ته پاڪستان کي هر حال ۾ بليڪ لسٽ ڪيو وڃي، پر پاڪ فوج ان سازش کي پڻ ناڪام بڻايو، جي ايڇ ڪيو قائم سيل ڏينهن رات ڪم ڪري مني لانڊرنگ، ٽيرر فنانسنگ تي هڪ گڏيل لائحه عمل ترتيب ڏنو جنهن سبب ايف اي ٽي ايف ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. خصوصي رپورٽ مطابق پاڪستان ايف اي ٽي ايف تحت ٽيرر فنانسنگ جي 27 مان 27 نُڪتن ۽ مني لانڊرنگ جي 7 مان 7 پوائنٽس تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو. ٻنهي ايڪشن پلانز سڀني کي ملائي 34 نُڪتن تي ٻَڌل هو. اينٽي مني لانڊرنگ (اي ايم ايل) ۽ ڪائونٽر ٽيررسٽ فنانسنگ (سي ايف ٽي) تي ٻَڌل ان ايڪشن پلان کي 4 سال جي مسلسل ڪوششن کانپوءِ مڪمل ڪيو ۽ پاڪستان کي گري لسٽ مان وائيٽ لسٽ طرف گامزن ڪيو. ان حوالي سان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ چيف آف دي آرمي اسٽاف جي حڪمن تي 2019ع ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ ڊي جي ايم او جي سربراهيءَ ۾ اسپيشل سيل قائم ڪيو. ايف اي ٽي ايف پلان مطابق ان رپورٽنگ سائيڪل ۾ ضبط ڪيل اثاثن جو انگ ۽ ماليت ۾ خاطرخواه اضافو ظاهر ڪيو جنهن ۾ 71 سيڪڙو اثاثا ضبط ڪيا ويا، 85 سيڪڙو اثاثن جي ماليت ۾ واڌ ٿي. جي ايڇ ڪيو ۾ قائم سيل پنهنجي قومي رسڪ اسسمينٽ (اين آر اي 2019ع) جي عمل کي پنهنجن سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي خطرن ۽ ان جي بنياد تي جامع پلان ترتيب ڏنو. گذريل 4 سالن دوران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي مالي معاونت ۽ مني لانڊرنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي، ان جو بنيادي سبب اينٽي مني لانڊرنگ ۽ ڪائونٽر ٽيررسٽ فنانسنگ قانونن ۾ لاڳيتو بهتري آهي جن ۾ مستقبل جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.