اين اي 240 تي بيلٽ پيپر چوري ڪرڻ جي وڊيو وائرل

ڪراچي (رپورٽر ) اين اي 240 جي ننڍي چونڊ دوران بيلٽ پيپر چوري ڪرڻ واري ويڊيو سامهون اچي وئي آهي.بيلٽ پيپر چوري ڪرڻ  واري ويڊيو  جناح اسڪول B-36 زمان آباد جي آهي جنهن ۾۾ ڏسي سگهي ٿو ته هڪ سياسي پارٽي جو ڪارڪن پيلٽ پيپر جو بنڊل چوري ڪري دري وٽ بيٺل ٻئي همراهه کي ڏئي ٿو ۽ هو  بنڊل اتان اڳتي کڻي وڃي ٿو .ميڊيا رپورٽن موجب بيلٽ پيپر چوري ٿيڻ کانپوءِ ايس پي لانڍي سليم شاهه ۽ ايس ايڇ او موقعي تي پهتا جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن ان موقعي تي احتجاج ڪيو.ايس پي لانڍي چيو ته ڄاڻايل پولنگ اسٽيشن جي پريزائيڊنگ آفيسر کي تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪنهن به گرفتار ناهي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.