گهوٽڪي پوليس شاگرد گم ڪري ڇڏيو وارثن جو ڌرڻو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي پوليس جو ڪارنامو ، نائين ڪلاس جو شاگرد گرفتاري بعد گم ، نينگر جا وارث سموري رات ٿاڻي تي ويٺل رهيا ، نه  کين نينگر مليو ۽ نه وري ڪو سبب ٻڌايو ويو ، لاکا برادري جي ماڻهن جو نينگر جي والد جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي پوليس خلاف احتجاج ، انصاف جو مطالبو، اختيار لاکو ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو  آهي ته گهوٽڪي پوليس جي ايس ايڇ او عباس سندراڻي سياسي بنيادن تي سندس نائين ڪلاس جي شاگرد پٽ ذيشان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ، هو ڪالهه کان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر نه کين نينگر ملي ٿو ۽ نه وري پوليس ڪا ورندي ٿي ڏئي ،  سيشن جج ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي شاگرد آزاد ڪرائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.