ماٿيلي ۾ ووٽ نه ڏيڻ تان استاد گم، ڊي اي او خلاف ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) گھوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ کاھي دڙي جي رھواسي درجنين ڳوٺاڻن گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي پريس ڪلب پھچي ڊي اي او پرائمري گھوٽڪي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.ان موقعي تي نزاڪت مھر ، آصف مھر، شاھنواز مھر، مھتاب مھر ۽ ٻين دانھيندي الزام ھنيو ته سياسي ڀوتارن جي وينگار وھندي ڊي اي او پرائمري احمدين ميراڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد امداد مھر کي آفيس گھرائي کيس گم ڪري ڇڏيو آھي. پڇا ڪرڻ تي کيس گھرائڻ ۽ گم ڪرڻ کان انڪاري آھي. جڏھن ته ڊي اي او پاران گذريل ڪيترن ڏينھن کان استاد کي آفيس گھرائي پ پ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيارڻ لاءِ حراسان ڪري کيس تذليل جو نشانو بڻايو پئي ويو. نيٺ اڄ کيس آفيس گھرائي گم ڪيو ويو آھي.ھنن وسوارن کان استاد امداد مھر کي بازياب ڪرائي ڊي اي او پرائمري گھوٽڪي احمدين ميراڻي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي ٻئي صورت ۾ نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو ھنن چتاءُ ڏنو ته جلد استاد کي بازياب ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.