ٺٽي کي منشيات کان پاڪ بڻايو ۽ نسل بچايو

منشيات جهڙي لعنت ۾ جڪڙيل اسان جو ضلعو ٺٽو. مڪلي، ڇتو چنڊ، چليا کمبو، علي بحر ،جهرڪ،جهمپير، اونگر، ٽنڊو حافظ شاھ،سونڊا، سانپا، موري،  چلھه سائيٽ، سونهري، ڪينجهر ۽ آس جي مختلف شهرن ۽ ٻھراڙين ۾ چرس، ڪچو شراب، آفيم، تراگ، گٽڪو، مين پڙي، سفينا ۽ مختلف نالن سان مائوا جن ۾ بلوچ مائو۔ جمبو بلوچ، بابا مائو، سپريم مائو، جاويد مائو ۽ ٻيا ڪيترا بنا ليبل جي مائوا، وڏي پيماني تي شهر توڙي ڳوٺن ۾ پوليس جي سرپرستيءَ  ۾ هلن ٿا، هن زهريلي منشيات واپرائڻ سبب ٺٽي ضلعي ۾ سوين  نوجوان  ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پنهنجيون قيمتي جانيون ضايع ڪري چڪا آھن ۽ ڪيترا مرد عورتون هن موذي مرض ۾ مبتلا آھن،

سڄي سنڌ جي وڏين اسپتالن جي سروي ڪئي ويئي آھي جن ۾ وڌ کان وڌ ٺٽي سجاول جا ماڻھو ڪينسر ۾ مبتلا ٿيل آھن. ڪيترائي نوجوان نشي ۾ پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري گهرويران ڪري ڇڏياآهن منشيات ناسور بنجي چڪي آھي گهر ۾ راشن نه به هجي پر هنن کي منشيات لاءِ ڪنهن به حالت ۾ پئسه گهرجن. ان ئي سبب جي ڪري ٺٽي ضلعي ۾  چوريون به گهڻيون ٿيڻ لڳيون آهي پر افسوس اڃان تائين هنن  خلاف ڪوبه قدم  نٿو کيو وڃي.

منشيات فروش مافيائن کي کلي ڇوٽ مليل آهي. خاص ڪري ڪينجھر ٿاڻي جي حد ۾، منشيات خلاف لکي لکي ٿڪجي پيا آهيون ڪافي عرصي کان احتجاجي سلسلو هلندڙ آھي ۔سڀني منشيات فروشن جون لسٽون ٺھي چڪيون آھن پر ڪنهن به  قسم جو ايڪشن نٿو کنيو وڃي خانه پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن غريب منشيات واپرائيندڙ کي کنبيو ٿو وڃي جتي کلي عام اڏا هلي رهيا آھن اتي اڄ ڏينهن تائين سواءِ منٿلي وٺڻ جي ڪڏهن به ايڪشن نه کنيو ويو آھي. اسان انٽر نينشل هيومن رائيٽس موومينٽ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي اعلي اختيارين کي گذارش ٿا ڪريون ته هنن سماج دشمن عناصرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ منشيات جهڙي ناسور کي ٻنجو ڏيئي اسان جي نسلن کي بچايو وڃي.

 سيد شير علي شاهه ڪاظمي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.