پاڪستان ۾ سون تاريخ جي مهانگي اگهه تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هڪ تولو سون جو ملهه تاريخ جي مهانگي اگهه تي پهچي ويو آهي.

سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1500 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ تولو سون جو اگهه هڪ لک 45 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي.

10 گرام سون جي قيمت 1285 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 24 هزار 742 رپيا ٿي وئي آهي.

صرافا ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو ملهه 27 ڊالر وڌي 1846 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.