سينيٽ ۾ تيل اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج، آءِ ايم ايف ۽ ڪرپشن مان جان ڇڏائڻي پوندي: سينيٽر

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي خلاف علامتي واڪ آئوٽ ڪيو، خميس ڏينهن ايوان جي اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي خلاف احتجاج ۽ نعريبازي کانپوءِ مخالف ڌر ميمبر ايوان کان ٻاهر هليا ويا، سينيٽ اجلاس دوران مخالف ڌر ميمبرن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي خلاف احتجاج ۽ نعريبازي  ڪئي، مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته پيٽروليم منصوعات جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ڪيو ويو آهي، عوام پهريون ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهجي رهي آهي، قيمتن ۾ نئون اضافو مهانگائي جو نئون طوفان کڻي ايندو، هن چيو ته بجيٽ تي بحث ٿي رهيو آهي پر ناڻي وارو وزير ايوان ۾ موجود نه آهي، ان کي اجلاس ۾ موجود هجڻ گهرجي ان سان گڏ ئي مخالف ڌر ميمبر پنهنجي سيٽن تي اٿي بيهي رهيا ۽ هنن قيمتن ۾ اضافي خلاف نعريبازي شروع ڪري ڇڏي، نعريبازي ڪندي سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس جي سامهون گڏ ٿي ويا، سينيٽ چيئرمين بار بار هدايت ڪئي ته هو پنهنجي سيٽن تي واپس هليا وڃن، ناڻي وارو وزير ٿوري دير ۾ ايوان ۾ اچي رهيو آهي جنهن کانپوءِ مخالف ڌر ميمبر پنهنجي سيٽن تي واپس هليا ويا، اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي ۽ ايندڙ مالي سال 23 -2022ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينٽر عرفان صديقي چيو ته حڪومت موجوده حالتن ۾ مناسب بجيٽ پيش ڪئي آهي، پر تعليم لاءِ بجيٽ جي ڊي پي جي صرف 1.77 سيڪڙو رکيو ويو آهي، جيڪو تمام گهٽ آهي، ايڇ اي سي جو بجيٽ 64 کان 65 ارب روپيا آهي، جنهن سان يونيورسٽيون پنهنجون ضرورتون به پوريون نٿيون ڪري سگهن، نيب جهڙا اهڙا ادارا جيڪي معيشت کي کوکلو ڪري رهيا آهن انهن جو بجيٽ گهٽ ڪري تعليم لاءِ فنڊ ڏنا وڃن، هن چيو ته اعليٰ آفيسرن ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو هڪجهڙو اضافو ڪيو ويو آهي، آفيسرن جون پگهارون ته پهرين ئي لکن ۾ آهن، انهن کي 15 سيڪڙو اضافي سان اڃان وڌيڪ فائدو ٿيندو، ننڍن ملازمن کي انهن جي پگهارن ۾ اضافي جو ايترو فائدو ناهي ٿيندو، پگهارن ۾ اضافي ۾ ننڍن ملازمن کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گهرجي، سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط غريب ملڪن لاءِ تباهه ڪندڙ هوندا آهن، اسان کي ملڪ کي پينهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ آءِ ايم ايف جي قرضن کان جان ڇڏرائڻ لاءِ بدعنواني تي ضابطو آڻڻو پوندو، صنعتي ۽ زرعي شعبي کي ترقي ڏيڻي پوندي، هن چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر اتان جي عوام ۾ تمام گهڻي احساس محرومي آهي، سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان چيو ته عمران خان جي دور ۾ ڪرپشن جي انتها ٿي وئي، توشا خانا جون گهڙيون ۽ منڊيون کپايون ويون، ملڪ کي معاشي تباهي جي ڪناري تائين پهچايو ويو، جماعت اسلامي جي  سينيٽر مشتاق احمد چيو ته گذريل 20 ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 84 روپيا ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 120 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، اسان ان اضافي کي رد ڪريون ٿا، 400 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، اي سي سي بجلي جي قيمت ۾ 13 روپيا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏني آهي، ان سان ملڪ ۾ مهانگائي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويندي، عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ٿي ويندو، سينيٽر دوست محمد چيو ته مهانگائي جي ذميدار تحريڪ انصاف جي حڪومت نه پر ماضي جا حڪمران هئا، اسان کي ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻي پوندي، سينيٽر شبلي فراز چيو ته موجوده بجيٽ آءِ ايم ايف جي مرضي موجب ٺاهيو ويو آهي، بجيٽ ۾ ڪا اهڙي ترجيح مقرر نه ڪئي وئي جنهن سان اسان جي معيشت کي فائدو پهچي سگهي، سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته غريب آبادگار، ڏهاڙيدار مزدور ۽ شاگرد سڀئي بجيٽ ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي پريشان آهن، ماڻهن جو مالي مشڪلاتون وڌي رهيون آهن، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کانپوءِ سڀني شين جون قيمتون وڌي وينديون، ۽ مهانگائي جو نئون طوفان ايندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.