بدترين معاشي بحران ۾ عوام کي متبادل ڏيڻ لاءِ کاٻي ڌر جي پارٽين جي ڪانفرنس طلب

اسلام آباد(پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران 18 جون تي اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب ۾ کاٻي ڌر جي پارٽين جي ” ليفٽ متبادل ڪانفرنس“ منعقد ڪئي پئي وڃي، پارٽي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حڪمران طبقن جي عوام دشمن پاليسين جي نتيجي ۾ تيل، گئس، بجلي جي اگهن ۾ هڪ نه ٻئي ڏينهن واڌ ڪئي وڃي ٿي، مهانگائي عام عوام خاص طور تي پورهيتن جي گهرن ۾ فاقاڪشي جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، پڌرائي موجب حڪمرانن آءِ ايم ايف سان عوام دشمن معاهدا ڪري پنهنجي بدعنوانين ۽ عياشين لاءِ عوام جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪاروباري جنرلن پنهنجي طبقاتي ،معاشي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ ملڪي بجيٽ جو وڏو حصو ڦٻائڻ لاءِ جهاد بزنس جهڙي خوني راند کيڏي پاڻ ته ارب پتي بڻجي ويا آهن جڏهن ته ملڪ جي عوام کي مذهبي شدت پسندي جي باهه ۾ ڌڪيو ويو آهي، پارٽي موجب ججن خاص طور تي اعليٰ عدليه جي جج سروس دوران ۽ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به عوام کان نچوڙيل ٽيڪسن مان لکين رپيا ته وٺن ٿا پر انصاف بدران ملازمت حڪمران گروهن جي ڪن ٿا، مظلوم قومن جا قيمتي وسيلا لٽيا پيا وڃن، سياسي ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي جو سلسلو جاري آهي، اهڙين حالتن ۾ عوام کي متبادل پروگرام ڏيڻ لاءِ کاٻي ڌر جي پارٽين کي متحد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.