ڀڳوڙي روپوش آمر مشرف کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي: بختاور ڀٽو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  شهيد بينظير ڀٽو، آصف علي زرداريءَ جي ڌيءَ ۽  پرڏيهي  وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ  جي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته آمر مشرف روپوش ڀڳوڙو شهيد بينظير ڀٽو جي  قتل ۾ سڌو سنئون ملوث آهي، جنهن کي جيئري معاف نٿو ڪري سگهجي ۽ تاريخ به ان کي معاف نه ڪندي بختاور ڀٽو جي ٽوئيٽ تي  تبصرو  ڪندي نامياري صحافي گوهر بٽ چيو ته  عام تاثر ته اهو ورتو ويندو ته بختاور ڀٽو ڇاڪاڻ ته  شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آهي ان ڪري جذباتي آهي پر حقيقت ۾ بختاور ڀٽو زرداري جو  موقف بلڪل درست ۽ حقيقت تي ٻڌل اهي. ڇو ته شهيد بينظير ڀٽو جا مخالف به اهو مڃڻ لاءِ تيار آهن ته  هوءَ  دلير، جمهوريت پسند ۽  وطن پرست اڳواڻ هئي،  صحافي گوهر بٽ موجب شهيد بينظيرڀٽو هجي ها ته شايد عوام کي عمران خان جهڙو حڪمران ۽ عمر چيما جهڙو گورنر مٿي ۾ نه لڳي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.