پ پ وارن عوام کي ڪابه سهولت ڏني: مسرور جتوئي

پڊعيدن ( ن ع  آ )  مڪاني چونڊن  جي حوالي سان  سرگرميون تيز ٿي ويون پ پ  جي   مقابلي ۾ يوسي کوهي جلال  ۾ جي ڊي اي جا اميدوار ميدان تي نڪري آيا  پڊعيدن لڳ يوسي کوهي جلال  ۾  اڳوڻو صوبائي وزير مسرور خان جتوئي، سردار خالد ميان راڄپر رئيس غلام حيدر بڙدي ۽ ٻين جا دورا عوام پاران گلن جي ورکا سان ڀرپور  آجيان ڪئي،  جي ڊي اي اڳواڻ مسرور جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  اسان يوسي کوهي جلال ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تي اميدوار ميدان تي آندا آھن اڳواڻن چيو ته سنڌ سميت پڊعيدن ۽ پس گردائي جي علائقن ۾ پ پ وارن ڪو ڪم نه ڪرايو آهي نه روڊ نه ناليون نه گيس ڪي به سهولت عوام کي نه ڏئي سگهيا آھن اسان هن دفعي پ پ کي ضلعي نوشھروفيروز ۽ مختلف تعلقن ۽ يوسين ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ جي لاءِ اميدوار بيهاريا آھن هن دفعي عوام کي اپيل ڪنداسين ته اسان جي اميدوارن کي 26 تاريخ تي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا.

  • گڏاپ ۾ڪارروائي، صدين کان ويٺل ماڻهن جا 50 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ

گلشن اقبال / گڏاپ (نمائندن وٽان) گڏاپ ۾ روينيو کاتي  ۽ پوليس جي ڪارروائي، قبضو ڄاڻائي صدين کان ويٺل ماڻهن جي جون ملڪيتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون 50 گهر مسمار عوام جو ڪروڙين رپين جو نقصان زمينون بلڊرن کي ڏيڻ جا سانباهه گذريل ڏينهن روينيو کاتي اينٽي انڪروچمنت سيل، ۽ سنڌ پوليس وڏي مشينري سان گڏ بحريا ٽائون ڀرسان صدين کان ويٺل ماڻهن جي ليز، مالڪاڻين زمينن ڳوٺن گهرن تي چڙهائيون ڪري حمزہ سالار ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن تي چڙهائيون ڪري 50 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا پوليس روينيو کاتي اينٽي انڪروچمنت سيل هيوي مشينري سان بحريا ٽائون ڀرسان ڳوٺن ۽ ليز مالڪاڻين زمينن تي ٿيل اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون پوليس اتي ويٺل ماڻهن کي ڀڄائي ڳوٺاڻن جو سامان به کڻي وئي ڳوٺن تي چڙهائيون عوام جا گهر ڊاهڻ خلاف حمزه سالار ڳوٺ جي رھواسين جان شير جوکيو جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ سيڪشن ٿيل آهي پوليس ظلم ڪيو آهي اسان جي ڳوٺ تي حبيب هوت تپيدار چڙهائي ڪئي آهي رشوت نه ڏيڻ تان حبيب هوت ظلم ڪيو آهي اسان صوبائي وزير ساجد جوکيو قومي اسيمبليءَ جي ميمبر سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو کي دانهن ڏني آهي ته هڪ پلانگ سازش تحت ڪارروائي ڪئي وئي آهي اسان اهڙي ڪرپٽ راشي تپيدار حبيب هوت خلاف احتجاج ڪنداسين هنن چيو ته حبيب هوت راشي تپيدار آهي جنھن مقامي ماڻهن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ڪيو آهي هن بلڊر مافيا قبضا مافيا جي دلالي ڪري اسان جو نقصان ڪيو آهي ڳوٺاڻن چيو ته اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر گهنور لغاري اهڙي راشي تپيدار کي جوائن نه ڏني هئي هن وقت هن گڏاپ جي چارج وٺڻ سان ئي صدين کان ويٺل ماڻهن خلاف باھ ٻاري آهي صدين کان ويٺل ماڻهن کان زمينون کسي بحريا ٽائون سميت مختلف بلڊرن کي اسان جون زمينون ڏنيون پيون وڃن زمينن ڳوٺن تي اسان جو حق آهي هي ڪراچيء مان اسان کي بيدخل ڪرڻ جي سازش آهي.  جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ٻئي طرف روينيو کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته قبضا ختم ڪرائي رهيا آهيون روينيو کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي قبضن خلاف ڪارروائي جاري رکي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.