هن ڇوڪريءَ سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو !

هن خوبصورت ڇوڪريءَ سڄي دنيا جي ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

هنن تصويرن کي ڏسي اوهان به اندازو لڳايو ته هنن ۾ ڪهڙِي اها شئي آهي جنهن انٽرنيٽ واهپيدارن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.

جيڪڏهن اوهان کي اندازو ناهي ٿيو ته ڄاڻي وٺو ته هي چهرا حقيقي نه آهن پر انريئل ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ٺاهيا ويا آهن.

اهو ٽول ڊيجيٽل دنيا لاءِ استعمال ٿيندو آهي جنهن ۾ ورچوئل ماڻهن کي تيار ڪري استعمال ڪيو ويندو آهي.

ان ئي ٽيڪنالاجي جي ذريعي تيار ڪيل اينا دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته هي بلڪل حقيقي نظر اچي ٿي.

ڪرافٽون کي هونئن ته پب جي گيم لاءِ ڄاتو ويندو آهي پر هاڻي ان طرفان هڪ مختلف شعبي ۾ قدم رکندي ورچوئل ڇوڪري کي تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي اينا جو نالو ڏنو ويو آهي.

ڪمپني موجب اينا ويب 3 ايڪو سسٽم جي قيام ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

ڪمپني ٻڌايو ته اسان کي اميد آهي ته اينا سڄي دنيا جي نوجوانن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي مشهور ٿيندي.

اهڙي قسم جا ڊيجيٽل ڪردار اڳ به ميوزڪ ويڊيوز کان ويندي ويڊيو گيمز ۾ نظر اچي چڪا آهن پر ڪرافٽون ڪمپني ٽيڪنالوجي جي ان شعبي ۾ قدم رکي امڪاني طور تي پنهنجي گيمز جي ڪردارن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿي.

ڪمپني ٻڌايو ته اينا بابت وڌيڪ تفصيل هلندڙ سال ڪنهن وقت به جاري ڪيا ويندا.

ان کانسواءِ ڪيترائي سوشل ميڊيا انفلوئينسرز پڻ مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي مقبول آهن جن جا لکين فالووز بڻجي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.