چائلڊ ڪيئر سينٽر جي آڙ ۾ فحاشي اڏو هلائيندڙ جوڙو گرفتار

 

يورپي ملڪ ۾ چائلڊ ڪيئر سينٽر جي آڙ ۾ فحش اڏو هلائڻ ۽ انساني سمگلنگ تي زال ۽ مڙس کي گرفتار ڪيو ويو.

مالٽا جي شهر مرساسڪلا ۾ هڪ فحاشي اڏي تي ڇاپو هنيو ويو ۽ اتان گرفتار ماڻهن کان پڇا ڳاڇا دوران انڪشاف ٿيو ته اهو اڏو 35 ورهين جو ڊنڪين ڪيروانا ۽ 29 ورهين جي فرانسسڪا ڪيرونا هلائي رهيا هئا، جيڪي مختلف شهرن ۾ ٻه چائلڊ ڪيئر سينٽر به هلائي رهيا هئا.

وڌيڪ جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته زال مڙس انساني سمگلنگ ۾ به ملوث هئا، اهي ٻين ملڪن مان ڇوڪري سمگل ڪندا هئا ۽ انهن کان جسم فروشي ڪرائيندا هئا.

پوليس طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار گراهڪن کان 50 ڪلاڪ جا 50 يورو ۽ هڪ ڪلاڪ جا 100 يورو وصول ڪندا هئا، ان جي اڌ رقم پاڻ کڻندا هئا ۽ اڌ ڪم ڪندڙ عورتن کي ڏيندا هئا، جوڙي خلاف ڪيس جي ڪارروائي جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.