احسن خان چانهه گهٽ پيئڻ وارو مشورو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اداڪار ۽ ميزبان احسن خان وفاقي وزير احسن اقبال جو مشورو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ پاسي حڪومت بچت مهم جو درس ڏئي رهي آهي ته ٻئي پاسي عوام سميت فنڪار پڻ ان مشورن سبب ناراض نظر اچي رهيا آهن.

بچت مهم بابت احسن اقبال طرفان چانهه گهٽ پيئڻ جو مشورو ڏنو هو، سندس ان مشوري بعد احسن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي اعلان ڪيو ته ” پر مونکي پنهنجي چانهه سان پيا آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن ۾ چار پياليون ته هجن“

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.