دعا زهرا ڪيس: پوليس چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ دعا زهرا جو اغوا ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو. مقامي عدالت ۾ دعا زهرا اغوا ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويو.

پوليس  چالان ۾ چيو ويو ته دعا زهرا مرضيءَ سان پنجاب وڃي نڪاح ڪيو، چائلڊ ايڪٽ لاڳو نٿو ٿئي.

پوليس موجب دعا زهرا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي اڳيان بيان به رڪارڊ ڪرائي چڪي آهي.

پوليس ٻڌايو ته دعا زهرا جو ننڍي عمر ۾ اغوا جو الزام ثابت نٿو ٿئي، ڪيس ۾ گرفتار غلام مصطفيٰ ۽ افغر بي ڏوهي نڪتا آهن، جنهن تي ٻنهي کي ڪيس مان ڊسچارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

چالان موجب ڪيس سي ڪلاس ڪيو وڃي ٿو، تنهن ڪري عدالت کي اپيل آهي ته ڪيس جو چالان منظور ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.