عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ مهانگو ٿيڻ جو سلسلو جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو ۽ اڄ به سون مهانگو ٿيو آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 44 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

هوڏانهن 10 گرام سون 857 ر پيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 23 هزار  457 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 14 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1819 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.