سڄي دنيا جي نوجوانن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندڙ ” ڇوڪري “ ڪير آهي؟

مٿي ڏنل تصوير ڏسو ۽ اندازو لڳايو ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ان جي ڌوم ڇو متل آهي.

ڇا اوهان ڪو اندازو ٿيو؟ نه پوءِ وڏي جهٽڪي لاءِ تيار ٿي وڃو جنهن کي هزارين انٽرنيٽ واهپيدار منهن ڏئي چڪا آهن.

حقيقت ۾ اوهان ڏانهن ڏسندڙ اهو چهرو حقيقي ناهي پر اهو ان رئيل ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪري ٺاهيو ويو آهي.

ان ٽول کي حقيقي نظر ايندڙ ڊيجيٽل دنيا جي انسانن يا ورچوئل فرد تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ڪرافٽون کي هونئن ته پب جي گيم لاءِ ڄاتو ويندو آهي پر هاڻي ان طرفان هڪ مختلف شعبي ۾ قدم رکندي ورچوئل ڇوڪري کي تيار ڪيو آهي جنهن کي اينا جو نالو ڏنو ويو آهي.

ڪمپني موجب اينا ويب 3 ايڪو سسٽم جي قيام ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

ڪمپني ٻڌايو ته اسان کي اميد آهي ته اينا سڄي دنيا جي نوجوانن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي مشهور ٿي سگهندي.

هونئن ته اها تصوير نئين ناهي، اهڙي قسم جا ڊيجيٽل ڪردار اڳ به ميوزڪ ويڊيوز کان ويندي ويڊيو گيمز ۾ نظر اچي چڪا آهن، پر ڪرافٽون ڪمپني ٽيڪنالوجي جي ان شعبي ۾ قدم رکي امڪاني طور تي پنهنجي گيمز جي ڪردارن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿي.

ڪمپني ٻڌايو ته اينا بابت وڌيڪ تفصيل هلندڙ سال ڪنهن وقت به جاري ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.