ڇا فوجي ترجمان فيصلو ڪندو ته سازش ٿي يا نه؟:عمران خان \سياسي بيان ناهي ڏنو، عدالتي ڪميشن تي اعتراض ناهي: آءِ ايس پي آرسربراهه

راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر طرفان تنقيد تي پاڪ فوج جي ترجمان جو وضاحتي بيان اچي ويو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان چيو هو ته گذريل حڪومت خلاف ڪا سازش نه ٿي، جنهن تي اسد عمر جو چوڻ هو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر کي سياسي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته مان ڪنهن قسم جو سياسي بيان نه ڏنو، قومي سلامتي ڪميٽي جي ايجنڊا اڳ کان طئي هوندي آهي، مان ڪالهه به قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت تفصيلي گفگتو ڪئي هئي.سندس موجب اجلا س ۾ ڪنهن سروس چيف اهو نه چيو ته سازش ٿي آهي، اها راءِ نه انٽيليجنس بيس انفارميشن هئي، سازش جو لفظ پڌرائيءَ ۾ شامل نه هو.هن چيو ته جڊيشل ڪميشن يا ڪنهن ٻئي فورم جو حڪومت وٽ آپشن آهي، اهو ئي آپشن گذريل حڪومت وٽ به هو، جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ تي اعتراض ناهي، جڊيشل ڪميشن يا ڪو ٻيو فورم ٺاهڻ جو چئو ته ادارا سهڪار ڪندا، هن چيو ته مون رڳو پاڪستان آرمي جي سروسز چيفس پاران هڪ وضاحتي بيان ڏنو هو، شيخ رشيد پنهنجي گفتگو ان انداز ۾ ڪئي ڄڻ هو انهن جي نمائندي طور ڳالهائي رهيو آهي، ان ڪري مون ضروري سمجهيو ته انهيءَ پروگرام ۾ وڃي هن جي ڳالهه جي وضاحت ڪئي وڃي ڇو ته سروسز چيفس جي حوالي سان انهن جو ترجمان مان ئي آهيان، هن چيو ته منهنجي بيان ۾ ڪا سياسي ڳالهه ناهي، ان ميٽنگ ۾ سروسز چيفس ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ پاران واضح ڪيو ويو هو ته ڪنهن قسم جي سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو، ان تي مون ڪالهه گهڻي وضاحت ڪئي، منهنجي پاران هڪ وضاحتي بيان هو،

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر کي سياسي معاملن  جي تشريح نه ڪرڻ گھرجي،اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پرڏيهي مداخلت جا لفظ خط ۾ استعمال ٿيا آهن، اهي سموريون حقيقتون خط اندر موجود هيون، چيو ويو هو ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي ته پاڪستان لاءِ ڏکيو ٿيندو.هن چيو ته خط ۾ سڌي ريت پاڪستان کي ڌمڪي ڏني وئي هئي، قومي سلامتي ڪميٽي جي پهرين ميٽنگ ۾ شيرين مزاري ۽ آئون موجود هئاسين.پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل چيو ته عمران خان تحريڪ انصاف جي چيئرمين طور سپريم ڪورٽ کي خط لکندو ته جاچ ڪئي وڃي، اسان چاهيون ٿا جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ حقيقتون قوم اڳيان آنديون وڃن، قومي سلامتي جو بچاءَ ڪرڻ چونڊيل قيادت جي به ذميواري آهي.سندس موجب عمران خان اهو ناهي چئي رهيو ته هن جي تجربي کي مڃيو وڃي، هن جو مطالبو رڳو اهو آهي ته قوم جو حق بڻجي ٿو ته حقيقت تائين پهتو وڃي.اسد عمر چيو ته سياستدانن کي سياسي معاملا پاڻ ۾ ڊيل ڪرڻ گهرجن، گهڙي گهڙي سياسي معاملن جي تشريح ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪرڻ ضروري نه سمجهي ته اهو فوج ۽ ملڪ لاءِ سٺو هوندو هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته فوج جو ترجمان اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته سازش ٿي يا نه،ڇا هو فيصلو ڪندو ته سازش ٿي يا نه، اها هن جي راءِ ٿي سگهي ٿي، هو فيصلو ته نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته جيڪڏهن ان جو فيصلو ڪرائڻو آهي ته صدر مملڪت چيف جسٽس کي خط لکيو آهي ته توهان ان جي جاچ ڪرايو، مون ڪابينا ۾ ڪميشن بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو، سڀني تيه مڃي ورتو هو ته اها مداخلت آهي، هن چيو ته خط جي حقيقتن کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، جن انهن(موجوده حڪومتي اتحاد) کي اسان تي مڙهيو اهي ملڪ جا دشمن آهن، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ان جي کليل ٻڌڻي ڪري ۽ ان ۾ خبر پئجي ويندي ته رڳو مداخلت هئي يا سازش به هئي، هن چيو ته مون ۽ شوڪت ترين نيوٽرلز کي انهيءَ وقت ٻڌائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن هن حڪومت ڪيرائي وڃي ٿي ته معيشت سنڀالجي نه سگهبي، پاڪستان ۾ قيادت جو وڏو خال آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.