نندو ۾ باهه ، 10 دڪان سڙي خاڪ، لکين رپين جو نقصان

نندو ( ن  ع آ ) نندو ۾ شاهنواز چوڪ تي اچانڪ موبائيل مستري جي ڪئبن کي باه لڳي ويئي ، صبح جو پهر هئڻ سبب دڪان بند هئڻ ڪري اک ڇنڀ ۾ 10 کان وڌيڪ غريب پورهيتن هر هڪ مير سومرو جي پان ڪئبن ، حبيب الله کوسو جي موبائيل ڪئبن ، نظر خاصخيلي جو حجامڪو دڪان ، صديق ميمڻ جو فروٽ پڙي ، فهيم ميمڻ جو مٺائي جو دڪان ، ابو ميمڻ جو مرغي جو دڪان ، قاسم ملاح جي ڪئيبن ، لطيف ملاح جو حجام  سميت ٻين  جا دڪان  مڪمل سڙي خاڪ بنجي ويا جڏهن ته باه جي خبر شھر ۾ ڦھلجڻ بعد سوين شھري پهچي باه کي ڪنٽرول ۾ آڻي وڌيڪ دڪانن کي باه کان بچائي ورتو.  جڏهن ته فائير برگيڊر کي اطلاع ڏيڻ باوجود روايتي سستي ڪندي ٻه ڪلاڪ دير سان پهتي هوڏانهن باه ۾ متاثر دڪاندارن مير سومرو ،ابو ميمڻ ، نظرو حجام ۽ ٻين ڪاوش سان رابطي تي ٻڌايو ته تيز باه سبب 10 کان مٿي دڪان سڙي خاڪ ٿي ويا آھن جنهن سبب  دڪاندارن کي لاکين روپين جو نقصان برداش ڪرڻو پئجي ويو هنن وڌيڪ ڇيو ته نندو ٽائون ڪميٽي ۾ فائير برگيڊر نه هئڻ سبب باه جا واقعه روز جو معمول بنيل آھن هنن حڪومت سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته کين معاوضو ڏيئي ٿيل نقصان کان بچايو وڃي هوڏانهن پ پ نندو جي صدر روشن علي ميمڻ پاران ڊي سي بدين کي متاثر دڪاندارن جي سهتا لاء ڪيل اپيل تي ڊي سي بدين طرفان روينيوء جي ٽيم موڪلي سرزمين تي ٿيل نقصان جي سروي ڪرائي انهي موقعي تي پ پ اڳواڻ ڪريم ڏنو نهڙيو ، غلام مصطفيٰ کٽي، روشن ميمڻ ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.