ڪرپٽو ڪرنسي ۽ اين ايف ٽيز بابت بل گيٽس ڇرڪائيندڙ بيان ڏئي ڇڏيو

مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس ڪرپٽو ڪرنسي پراجيڪٽس سميت نان فنجيبل ٽوڪن  ( اين ايف ٽي ) کي رد ڪندي ان کي ماڻهن کي ٺڳڻ هڪ جو ذريعو قرار ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ تقرير دوران بل گيٽس ڊيجٽل اثاثن تي تنقيد ڪندي چيو  ته هي بنيادي طور تي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي خيال تي ٻڌل هوندا آهن.

ان لاءِ هن گريٽر فول ٿيوري جي لفظن جو استعمال ڪيو، جنهن مان مراد آهي ته هڪ شخص ڪنهن شيءَ کي ان جي حقيقي ملهه کان وڌيڪ مهانگن اگهن ۾ خريد ڪندو آهي ته جيئن ان کان به وڏو احمق اها شيءَ ان کان به وڌيڪ اگهن تي خريد ڪري.

بل گيٽس طنز ڪندي چيو ته يقنن ڀولڙن جي مهانگين ڊيجيٽل تصويورن سان دنيا ۾ تُرت بهتري اچي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.