پگهارن ۾ 15 ، پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ، خدمتن تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ صوبائي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 23-2022ع جي 33 ارب کان وڌيڪ خساري واري ٽيڪس فري 17 کرب رپين واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ۽  پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان، ٽول مينوفيڪچرنگ سميت مختلف سروسز تي 5 سيڪڙو تائين ٽيڪس جي رعايت، تعليم کاتي جي بجيٽ ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.    بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 16 کرب 79 ارب 73 ڪروڙ 48 لک رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح بجيٽ خسارو 33 ارب 84ڪروڙ 80 لک رپيا آهي. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهار ۾ 15 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس جو اعلان ڪيو ويو   ايڊهاڪ رليف سان گڏوگڏ سرڪاري ملازمن کي 2016ع کان 2021ع تائين ملندڙ ايڊهاڪ الائونسز کي به بنيادي پگهار ۾ ضم ڪيو ويو آهي. پينشنرز کي وفاقي حڪومت جي پينشنرز وانگر ملندڙ 22.5 سيڪڙو واڌ به ملندي رهندي. اهڙي طرح گريڊ هڪ کان 16 تائين جي سرڪاري ملازمن کي پگهارن ۾ 33 سيڪڙو مجموعي طور واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو مجموعي واڌ ڪئي وئي آهي. بجيٽ ۾ ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 332.165 ارب رپيا لڳايو ويو آهي جنهن مان صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام اي ڊي پي جي لاءِ 222.5 ارب رپيا جڏهن ته ضلعن لاءِ اي ڊي پي لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 326.80 ارب رپيا، صحت لاءِ 206.98 ارب رپيا ۽ امن امان لاءِ 124.873 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. بجيٽ ۾ سنڌ جي 7 ضلعن ۾ نيون يونيورسٽيون ۽ يونيورسٽي ڪئمپس به قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ غريبن جي سماجي تحفظ ۽ معاشي استحڪام لاءِ 26.85 ارب رپين جي پئڪيج جو به اعلان ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ آبادگارن کي ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن لاءِ 3 ارب رپيا سبسڊي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. غريبن لاءِ هائوسنگ يونٽس بڻائڻ لاءِ 2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته هي بجيٽ سنڌ جي عوام جي سماجي ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي سان گڏوگڏ هڪ ترقياتي بجيٽ آهي. وڏي وزير سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته گريڊ هڪ کان 16 جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 33 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن کي هڪ تمام وڏو رليف به ڏنو ويو آهي جنهن تحت 2016ع کان 2021ع تائين وفاقي حڪومت جي ملازمن وانگر ايڊهاڪ رليف الائونسز بنيادي پگهار ۾ ضم ڪيا ويا آهن. بنيادي پگهار اسڪيل 2022ع تي به نظرثاني ڪئي پئي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ 2013ع کان 2021ع تائين رليف الائونسز کي پهرين جولاءِ 2022ع تي ختم ڪيو ويو آهي. پوليس ڪانسٽيبل جي گريڊ 5 کي وڌائي 7 ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو. وڏي وزير اهو به اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ٻين صوبن ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي ته سنڌ به واڌ ڪندي. بجيٽ ۾ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. وڏي وزير پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ وضاحت پيش ڪئي ته پينشنرز کي سنڌ حڪومت پاران پهريان ئي فيبروري 2022ع تائين وفاقي حڪومت جي پينشنرز وانگر 22.5 سيڪڙو واڌ ملي رهي آهي. وفاقي حڪومت پاران مارچ 2022ع ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي اعلان بعد حڪومت سنڌ جي پينشنرز کي هن وقت تائين 12.5 سيڪڙو واڌو پينشن ملي رهي آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ صوبي جي خرچن جا تفصيل ٻڌائيندي وڏي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال 23-2022ع لاءِ موجوده روينيو خرچ 1199445.4 ملين رپيا هوندو جنهن ۾ موجوده خرچ 54.48 رپيا، ترقياتي پورٽ فوليو 459.65 ارب رپيا هوندو جنهن ۾ 332.165 ارب رپيا صوبائي 30 اي ڊي پي ارب رپيا، ضلعي اي ڊي پي ۽ 91.467 ارب فارين اسسٽنٽس پروجيڪٽ (ايف اي پي) ۽ 6.02 ارب ٻيا وفاقي گرانٽس شامل آهن. وڏي وزير موجب صوبائي حڪومت هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ 732 ارب رپين جي نتيجي ۾ 716 ارب رپيا وصول ڪيا آهن جيڪي 16 ارب رپين جي کوٽ کي ظاهر ڪن ٿا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان جي حڪومت ذڪر ڪيل مدت دوران 19.7 ارب رپين جي نتيجي ۾ 45 ارب رپيا سڌي منتقلي ۽ آڪٽراءِ ضلعي ٽيڪس (او زيڊ ٽي) ۾ 18.9 ارب رپيا وصول ڪيا. سالياني ترقياتي پروگرام جا تفصيل ٻڌائيندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام 23-2022ع لاءِ 332.165 ارب رپيا مختص ڪيا آهن جڏهن ته هي هلندڙ مالي سال دوران 222.5 ارب رپيا هئا. ضلعي اي ڊي پي جو حجم 30 ارب رپيا رکيو ويو آهي جيئن هلندڙ مالي سال دوران ڪيو ويو هو. وڏي وزير ٻڌايو ته 4158 اسڪيمون جن ۾ 2506 جاري ۽ 1652 نيون اسڪيمون شامل آهن انهن لاءِ نئين مالي سال دوران 332.165 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

  • وڏي وزير جي بجيٽ تقرير دوران گوڙ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ وڏي وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن پاران ايوان ۾ شور شرابو ڪيو ويو ۽ نعريبازي  ڪئي وئي. وڏي وزير اپوزيشن ميمبرن جي نعريبازي جو جواب ڏيندي چيو ته الله انهن کي هدايت ڏئي هي ڪو نه ڪو بهانو بڻائيندا آهن، انهن جا ماڻهو انهن کي ڇڏي هليا ويا ۽ اڃا ٻيا به ڇڏي ويندا. هن چيو ته جن جون رڙيون مون ڪڍيون ته پوءِ اهي رڙيون ڪندا ئي رهندا. هن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت ختم ٿي وئي جيڪا هاڻي ڪڏهن به نه ايندي. اپوزيشن ميمبر گو زرداري گو ۽ چيري بلاسم نامنظور، بجيٽ نامنظور جا نعرا هنيا،

  • ڪرپشن جو ريٽ گهٽ ڪرڻو پوندو: خواجا اظهارالاحسن

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن سنڌ جي بجيٽ کي روايتي قرار ڏيندي چيو آهي ته نمبرز گيم جي حساب سان هي بجيٽ دلفريب آهي، ايم ڪيو ايم ۽ پي پي وچ ۾ ڳالهيون سست روي جو شڪار  آهن، بجيٽ اجلاس بعد سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ ۾ صرف رقم مختص ڪرڻ ڪافي ناهي ترقياتي بجيٽ اسڪيمن لاءِ مختص ڪئي ويندي آهي، وفاقي حڪومت صرف 6 ارب رپيا رکيا، 13 ارب ٽرانسپورٽ لاءِ ناڪافي آهن، پاڻي جو پروجيڪٽ 25 اربن جو هو هاڻي 150 ارب تي پهچي ويو آهي. وڏي وزير ۽ وزيراعظم وچ ۾ ساڍا 3 سال جهيڙو هلندو رهيو جنهن سان عوام جو ٻيڙو غرق ٿيو. هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ميمبر مشاورت سان لڳايا ويندا، هاڻي نوڪري لاءِ ڊوميسائيل جي تصديق ٿيندي، ڪرپشن جو ريٽ گهٽ ڪرڻو پوندو. 30 سيڪڙو جيڪڏهن ڪرپشن آهي ته ان سان 120 ارب رپيا هليا ويندا.

  • سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي چوري ٿي آهي: خرم شيرزمان

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي چوري ٿي آهي، پيپلز پارٽي جي قيادت سڀ کان وڏي چور آهي، ڪلثوم چانڊيو، دعا حليم عادل کي ڌڪو ڏئي موبائل  کسي، منور وساڻ موبائل کڻي ڀڄي ويو، ڇا پنهنجي مائرن ۽ ڀينرن جا موبائل کسيندا آهيو ها توهان چور آهيو، آصف علي زرداري جي ٽريننگ چوري جي آهي، اسان انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين، سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ کي رد ڪريون ٿا ان جي خلاف هر سطح تي احتجاج ڪنداسون. گذريل اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم شير زمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ چور پيپلز پارٽي آهي، دعا ڀٽو چيو ته ڪلثوم چانڊيو پاڳل ٿي چڪي آهي انهن غريبن کي موبائل کپي ته ٻڌائين خيرات ۾ ڏينداسون. هن چيو ته پي پي جي مرد ميمبرن مون کي هراسان ڪيو. رئو ۽ قميص کي ڇڪيو ويو هي سڄو واقعو وڏي وزير جي هدايت تي ٿيو آهي.

  • ايندڙ مالي سال 3653 نين نوڪرين جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت نئين مالي سال 23-2022ع دوران 3653 نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ جو اعلاڻ ڪيو آهي جن مان وڏو حصو سنڌ جي تعليم ۽ صحت واري کاتي سان هوندو، جڏهن ته سنڌ حڪومت انفرااسٽرڪچر جي مد ۾ روڊ نيٽ ورڪ وڌائڻ، مرمت، تبديلي ۽ جديد گهرجن کي به پورو ڪرڻ جي ڏس ۾ هلندڙ سال ۾ رکيل 4.335 بلين رپين مان وڌائي نئين مالي سال 23-2022ع ۾ اها رقم 4.715 بلين رپيا ڪئي آهي.

  • ڪلثوم چانڊيو دعا ڀٽو کان موبائل کسي منور وساڻ کي ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽ : غلام مهدي بلوچ) سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اپوزيشن جي نعريبازي دوران رڪارڊنگ ڪندڙ دعا ڀٽو کان منور  وساڻ ۽ ڪلثوم چانڊيو پاران موبائل فون کسي وئي، جنهن بعد پي ٽي آئي سنڌ جا تقريبن 26 ايم پي اي آرام باغ ٿاڻي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهچي ويا. ان موقعي تي خرم شير زمان، دعا ڀٽو ۽ ٻين ايم پي ايز ايف آئي آر نه ڪٽڻ خلاف آرام باغ ٿاڻي ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايم پي اي منور وساڻ ۽ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو دعا ڀٽو جي موبائل کسي ورتي هئي جنهن جي وڊيو به موجود آهي، پر سي ايم سنڌ ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي به ٻڌائڻ باوجود موبائل نه ڏني وئي. هن چيو ته ٻه ڪلاڪ گذرڻ باوجود اسان جي ايف آئي آر نه ڪٽي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جو موبائل چوري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان ڪورٽ جو دروازو کڙڪائيندا سين ۽ سنڌ اسيمبليءَ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندا سين.

  • پريس ڪلبن ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ ساڍا 25 ڪروڙ مختص

ڪراچي: سنڌ سرڪار  پريس ڪلبن، صحافين جي تنظمين ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ 25 ڪروڙ 50 لک 44 هزار رپيا رکيا آهن، نئين  مالي سال جي بجيٽ ۾ پريس ڪلبن لاءِ 18 ڪروڙ 70 لک رپيا، ڪراچي پريس ڪلب لاءِ 5 ڪروڙ، حيدرآباد پريس ڪلب لاءِ 2 ڪروڙ، مستحق صحافين لاءِ اڍائي ڪروڙ رپيا، سي پي اين اي ۽ سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته انفارميشن کاتي طرفان راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جنرلسٽ ايسوسيئيشن لاءِ 10 لک رپيا مالي مدد لاءِ رکيا ويا آهن.

  • سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي گرانٽ ۾ 50 سيڪڙو واڌ

  • ڪراچي: سنڌ حڪومت سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي پاران 6.4 بلين رپين جي لاڳت سان 250 بسن جي خريداري ڪئي وئي جڏهن ته نئين  مالي سال 23-2022ع ۾ ساڳئي مقصد لاءِ 4 بلين رپيا رکيا ويا آهن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي موجوده 200 ملين جي گرانٽ ۾ 50 سيڪڙو واڌارو ڪري نئين مالي سال 23-2022ع لاءِ 300 ملين رپيا رکيا ويا آهن ته جيئن صوبي جي ٽرانزٽ سسٽم ۾ بهتري اچي سگهي.

     

  • سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ڏنو ويو: مراد علي شاهه

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ۾ چيو ته هن سال پاڪستان ۾پاڻي جي شديد کوٽ آهي جڏهن ته سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي، خريف سيزن جي شروعات ۾ سنڌ کي پاڻي جو حصو 6.483 ايم اي ايف طئي ڪيو ويو هو، هي ٺاهه پاڻي جي ورهاست جي برخلاف آهي جيڪو 8.292 ايم اي ايف آهي. بي وقت پاڻي جي فراهمي هڪ ٻيو وڏو مسئلو آهي، سنڌ ۾ ڪپهه جو فصل اپريل ۾ شروع ٿيندو آهي ۽ پنجاب ۾ مئي ۾، اپريل ۾ پنجاب جي مقابلي ۾ اسان کي 8 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جڏهن ته ان وقت اسان جي گهرج وڌيڪ هوندي آهي. وڏي وزير چيو ته اهڙي طرح سان مئي ۾ سنڌ کي پاڻي جي 55 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏسڻو پوندو آهي جڏهن ته زراعت جو شعبو پڻ سخت متاثر ٿيندو آهي. اسان پاڻي جي غير منصفاڻي مسئلي کي وفاقي حڪومت آڏو کنيو آهي هن چيو ته 1991ع واري ٺاهه مطابق پاڻي جي ورهاست ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت ان معاملي تي هميشه زور ڏيندي رهي آهي.

  • ڪراچي جي ترقياتي رٿائن لاءِ 118 ارب رپيا مختص

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته صوبائي حڪومت ڪراچي شهر ۾ ايندڙ مالي سال جي ترقياتي منصوبن لاءِ 118 بلين رپيا رکيا آهن جن ۾ صوبائي سالياڻي ترقياتي پروگرام ۾ 71 بلين رپيا، ضلعي ترقياتي پروگرام تحت 5 بلين رپيا ۽ پرڏيهي امداد تحت 41 بلين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. مالي مشڪلاتن باوجود سنڌ حڪومت ڪراچي شهر جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. ڪراچي شهر ۾ 6 اهم شعبن پاڻي جي فراهمي، سيوريج ٽريٽمينٽ، برسات جي پاڻي جي نيڪال، سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ، شهر جي روڊن جي تعمير ۽ ماس ٽرانزٽ تي خاص ڌيان آهي. سالياڻي ترقياتي پروگرام 22-2021ع ۾ سنڌ حڪومت پرڏيهي امداد سان هلندڙ 31 منصوبا آهن انهن مان 7 منصوبا 189.620 بلين رپين جي لاڳت سان ڪراچي شهر جي لاءِ آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ صوبائي حڪومت پاران تعمير ڪيل 17.80 ڪلو ميٽر ڊگهي گرين لائن، بي آر ٽي 25 ڊسمبر 2021ع کان فعال ٿي چڪي آهي ان کان علاوه سالياڻي ترقياتي پروگرام ۾ شامل اورينج لائن جيڪا 4.77 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي هلندڙ سال مڪمل ٿيندي. هن چيو ته صوبائي حڪومت پيپلز بس سروس جي شروعات ڪئي آهي جنهن تحت ڪراچي جي 7 مختلف روٽس تي 250 بسون هلايون وينديون. سنڌ حڪومت اهڙين بسن جي خريداري تي 22-2021ع ۾ 6.4 بلين رپيا خرچ ڪيا آهن، ان سلسلي ۾ ايندڙ مالي سال ۾ 4 بلين رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

  • سنڌ ۾ نيون يونيورسٽيون ۽ ڪئمپس قائم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار تعليم لاءِ بجيٽ ۾ اضافي سان گڏ نيون يونيورسٽيون ۽ ڪئمپون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيوآهي. ڪراچي جي علائقي ڪورنگي، ڪراچي اولهه، ملير، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول ۾ نيون يونيورسٽيون ۽ ڪئمپون قائم ڪيون وينديون، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو  آهي ته ملير ۾ اين اي ڊي جو ڪئمپس قائم ڪيو ويندو، سجاول ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو ڪئمپس، ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار ۾ آءِ بي اي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا.بجيٽ تقرير موجب يونيورسٽين جي شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، نائين کان ٻارهين درجي تائين رجسٽريشن سالياني امتحاني فيس لاءِ 2 ارب رُپيا رکيا ويا آهن.

  • خوراڪ کاتي، سوشل هائوسنگ، پي ڊي ايم اي، عورتن جي ترقي کاتي جي بجيٽ ۾ رپيو به واڌ نه ٿي

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي، خوراڪ کاتي، سنڌ روينيوبورڊ، اسپيشل ڊولپمينٽ ۽ سوشل هائوسنگ، پي ڊي ايم اي ۽  عورتن جي ترقي کاتي جي بجيٽ ۾ هڪ رپئي جو به اضافو نه ڪيو ويو.

  • سنڌ ۾ برسات لاءِ دعا گهري وئي

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس قائم مقام اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت ۾ 45 منٽن جي دير سان شروع ٿيو. وقفي دوران دعا ۾ عامر لياقت حسين، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، انور مهر ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي دعا ڀٽو جي والد جي لاڏاڻي  تي مغفرت جي دعا گهري وئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي خاتمي ۽ برسات لاءِ به دعا گهرائي وئي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سڪندر مينڌرو ۽ انور مهر ٻئي اسان جا ساٿي هئا انهن مان اسان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، اسان بجيٽ تقرير انهن کان ڪرائيندا هئاسين.

  • دعا ڀٽو  ارسلان تاج مون کان موبائل فون کسيو: ڪلثوم چانڊيو

ڪراچي: پي پي ميمبر سنڌ اسيمبلي ڪلثوم چانڊيو دعا ڀٽو پاران سندس موبائل کسڻ واري الزام جي جواب ۾ چيو آهي ته مان وڏي وزير جي پٺيان بيٺل هئس، دعا ڀٽو ۽ ارسلان تاج مون سان جهيڙو ڪيو ۽ گار گند ڪئي. دعا ڀٽو منهنجي موبائل کسي ۽ ارسلان تاج جي حوالي ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر کي گذارش آهي ته منهنجي موبائل واپس ڪرائي وڃي. هن وڌيڪ چيو آهي ته بجيٽ اجلاس جي ماحول کي ڄاڻي واڻي خراب ڪيو ويو. اسيمبلي ۾ جيڪو مون سان ٿيو ان تي ڊپٽي اسپيڪر قانوني ڪارروائي ڪري. ڪلثوم چانڊيو وڌيڪ چيو آهي ته دعا ڀٽو مائيڪ کڻي ليڊيز ايم پي ايز تي حملو ڪيو انهن کي اسيمبلي قانون جي ڄاڻ ئي ناهي ته بجيٽ ڪهڙي طرح سان ٻڌي ويندي آهي انهن کي اها خبر ئي ناهي، جمهوري احتجاج اسان به ڪيا آهن هنن کي احتجاج ڪرڻ به نٿو اچي.

  • وڏي وزير غلطي ۾ شهباز شريف بدران نوازشريف کي وزيراعظم ڪوٺي ڇڏيو

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران غلطي سان  وزيراعظم شهباز شريف جي جڳهه تي نواز شريف جو نالو کنيو جنهن تي اپوزيشن ميمبرن کيس ياد ڏياريو ته هن وقت ملڪ جو وزيراعظم نواز شريف نه پر شهباز شريف آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مون شهباز شريف ئي چيو هو، مان مولانا فضل الرحمان ۽ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو مشڪور آهيان.

  • سنڌ ڪابينا بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي ؛ سنڌ ڪابينا مالي سال 23-2022ع جي لاءِ 17 کرب 10 ارب رپين جي  ٽيڪس فري بجيٽ منظور ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سڀني صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي غريبن جي بجيٽ آهي جنهن ۾ سماجي تحفظ ۽ معاشي استحڪام لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.