ڀرياسٽي ۾ خوراڪ کاتي جون زيادتيون، واپارين پاران شٽر بند هڙتال

ڀرياسٽي (ن ع آ ) خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي مبينا ناجائزين ۽ زيادتين خلاف ڀرياروڊ جي المهراڻ غلا منڊي جي سوين واپارين پاران مڪمل شٽر بند هڙتال ڪندي غلا منڊي جي مين دروازي آڏو امتياز علي آرائين، حاجي رياض گجر، اسحاق آرائين، ذوالفقار ٽواڻا ۽ بين جي اڳواڻي سخت احتجاجي مظاهرو ڪندي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي واپارين ۽ مزدورن پاران نوشهروفيروز خوراڪ کاتي جي ڊي ايف سي نذاڪت علي هيسباڻي پاران مبينا ناجائزين خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ڊي ايف سي نوشهروفيروز بنا جواز اسان جي سوين گودامن کي سيل ڪري پريشان ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اسان واپارين پاران خوراڪ کاتي کي 35 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون پڻ ڏنيون آهن. جيڪي خوراڪ کاتي پاران فوڊ گودام ۾ رکڻ بدران لکين روپين عيوض ڪراچي جي واپارين کي وڪرو ڪري ڇڏيون آهن، جن مان هنن لکين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان کي ڪاروبار نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي. جنهن سبب لکين روپين جو روزانو نقصان ٿي رهيو آهي. واپاري توڙي آبادگار سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته خوراڪ کاتي خلاف فورن ڪاروائي ڪري ڪرپٽ ڊي ايف سي کي هٽايو وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ غلا منڊي ۾ شٽر بند هڙتال جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.