ميمڻ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي بدامني، دڪاندار کان 2 لک رپيا ڦر

کوکرا پار (رپورٽ عنايت قمبراڻي) ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد هاشم جوکيو ڳوٺ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن سولنگي اسٽاپ وٽ  ميڊيڪل اسٽور بند ڪري گهر موٽندڙ دڪاندار شوڪت علي پٽ محمد حسين جوکيو کي رات ڏهين وڳي ڌاري هٿيارن جي زور تي روڪي کانئس 2  لک روڪ رقم ڦر ڪري ورتي ۽ فرار ٿي ويا واپاري شوڪت جوکيو ٻڌايو ته هي ٻيو ڀيرو آهي جو مون کان ڦر ڪئي وئي آهي،  ڦر جي ٻنهي واقعن ۾ مون کان هيل تائين ساڍا ٽي لک روپيا ڦرجي چڪا آهن ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ڪيتري بدامني آهي، سج لهندي ئي هٿيار بند ڦورو رستن تي نڪري اچن ٿا ڪو به عزت دار شهري محفوظ نه آهي. هن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کي امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.