سنڌ سرڪار جي هڪ مثبت بجيٽ

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مالي سال 23-2022 لاءِ 1714 ارب رپين جي بجيٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي.جنهن ۾ نوان ٽيڪس لڳائڻ بدران ٽيڪس گهٽ ڪرڻ جي تجويز رکي وئي آهي.جڏهن تي بجيٽ ۾ 33.848 خسارو آهي،بجيٽ جي انگن اکرن موجب صوبي جي مجموعي آمدني 1679 ارب رپيا ٿيندي.

وفاق کان 1055 ارب رپيا منتقل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ 374.5 ارب رپيا صوبائي وصوليون شامل آهن.خدمتن تي GST مان 167.5 ارب رپيا گڏ ڪيا ويندا.سروسز تي صوبائي سيلز ٽيڪس مان 180 ارب رپيا ملندا.صوبائي نان ٽيڪس وصولي 27 ارب رپيا ٿيندي. سرمائيداري مجموعي 51 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. 105 ارب ٻيا به شامل ڪيل آهن، جڏهن ته 20ارب رپيا صوبي جا ڪيش بيلنس ۽ پبلڪ اڪائونٽس آهن.سنڌ روينيو بورڊ جو ٽيڪس وصولي جو هدف 180 ارب رپيا آهي.ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کان 1.20 ارب رپين جو حصول ۽بورڊ آف روينيو 30 ارب رپين جو هدف حاصل ڪيو ويندو.هن بجيٽ ۾ تعليم کي اوليت ڏني وئي آهي ٻيو نمبر وڌيڪ رقم صحت لاءِ مختص ڪئي وئي آهي جنهن بعد امن مان،  گهرو کاتي ۽ پوليس لاءِ رقم رکي وئي آهي، چوٿين نمبر تي ترقياتي پروگرامن کي هن بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ آبپاشي کاتي کي به جوڳي رقم ڏني وئي آهي،

پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو علان ڪيو ويو جڏهن ته پوليس ڪانسٽيبل جو گريڊ 5 مان وڌائي 7 ڪيو ويو آهي.سنڌ جي 7 ضلعن ۾ يونيورسٽي يا ڪيمپس قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.گريڊ هڪ کان 16 جي سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهار ۾ 33 سيڪڙو واڌ ۽ گريڊ 17 کان مٿي جي سرڪاري ملازمن لاءِ 30 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته  گذريل سال ملڪي ۽ عالمي سطح تي غير معمولي تبديلين جو سال هو.جنهن سان عام ماڻهو متاثر ٿيو آهي، تنهن هوندي به سندس پارٽي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي،بجيٽ ۾ ڏنل رليف جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو ته پاڻي جي تازي بحران ۽ ضروري شين جي اگهن  وڌڻ  سبب عام ماڻهو خاص ڪري هاري سخت متاثر ٿيو آهي، جنهن جي لاءِ اسان گراس روٽ ليول تي رليف فراهمي لاءِ خاص پروگرام جوڙيا آهن.

بجيٽ تقرير موجب  تعليم کاتي لاءِ 326.80 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي بجيٽ جي ڪل خرچن جو 24 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن.جڏهن ته مالي سال 23-2022 لاءِ صحت کاتي جي لاءِ بجيٽ ۾ 206.98 ارب رپيا رکيا ويا آهن اها رقم اڳوڻي جي ڀيٽ ۾14  سيڪڙو وڌيڪ  آهي.امن امان ، گهرو کاتي، سنڌ پوليس ۽ جيلن لاءِ بجيٽ ۾  124.873 ارب رپيا رقم رکي وئي آهي.

صوبائي حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام 23-2022 لاءِ 332.165 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هلندڙ مالي سال دوران ترقياتي ڪمن تي 222.5 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا ضلعي جي اي ڊي پي جو ڪاٿو 30 ارب رپيا رکيو ويو آهي.

4158 اسڪيمون جن ۾ 2506 جاري ۽ 1652 نيون اسڪيمون شامل آهن، بجيٽ ۾ِ آبپاشي کاتي جي بجيٽ 24 ارب رپيا رکي وئي آهي.

سنڌ حڪومت 2016ع کان 2021ع تائين سرڪاري ملازمن جي ايڊهاڪ رليف کي بنيادي پگهارن ۾ ضم ڪري رهي آهي.سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهار ۾ 15 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏنو ويندو.

واٽر ۽ سيوريج جي شعبي لاءِ 224.675 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

بجيٽ ۾ ڪراچي شهر جي ٻن وڏين اسڪيمن تي عمل ڪيو ويندو.  گجرنالي، محمود آباد ۽ اورنگي نالي جي متاثرن جي آبادڪاري لاءِ. 9.42 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا.گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر اسڪيم جي  فور تي 511 ارب رپين کان وڌيڪ  رقم رکي وئي آهي.

فوڊ سيڪيورٽي لاءِ ڪڻڪ جي سبسڊي لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ 23 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي ڀاڻ، ٻج، جراثيم ڪش دوائن لاءِ 3 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وڃي جيڪا گذريل مالي سال ۾ 2.55 ارب رپيا هئي.معذورن لاءِ 25 ڪروڙ رپين جا فنڊ جاري ڪبا، سنڌ ۾ غريبن لاءِ گهر تعمير ڪرڻ لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن، غريب خاندانن کي چوپائي مال جي فراهمي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا تجويز ڪيا ويا، موجوده يتيم خاني جي بحالي توڙي قيام لاءِ 10 بلين رپيا مختص ڪيا ويا.سنڌ ۾ اولڊ ايج هومز لاءِ 100 ملين رپيا خرچ ڪيا ويندا سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام لاءِ 15 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سنڌ صوبي ۾ گريڊ 1 کان گريڊ 22 تائين جي ملازمن جي پينشن ٻين چئن صوبن ۽ وفاق کان وڌيڪ آهي.سنڌ جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته پهرين جولاءِ کان گريڊ 5 جي ڪانسٽيبلن کي گريڊ 7 ۾ ترقي ڏني ويندي.سروسز لاءِ سيلز ٽيڪس ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي جيڪا جون 2024 تائين جاري رهندي.هن چيو ته سنڌ حڪومت 7 ضلعن ڪورنگي، ڪراچي اولهه، ڪياماڙي، ملير، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول ۾ يونيورسٽيون يا يونيورسٽي ڪيمپس قائم ڪندي، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ  12 ارب رپيا ڪئي پئي وڃي. بورڊ کي ٻين ضلعن حيدرآباد، قاسم آباد، ڪوٽڙي، سکر شهر ۽ روهڙي تائين وڌايو ويندو.

سوشل سيڪيورٽي کاتي لاءِ 15.43 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ بزرگ شهرين، يتيمن ۽ غريبن جي ڀلائي لاءِ پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن.

مجموعي طور تي هي سنڌ جي لاءِ هڪ مثبت بجيٽ آهي، توقع ڪجي ٿي ته سرڪار گڊ گورننس ڪندي عوام کي هن مهانگائي واري عذاب کان بچائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻندي تي جيئن عوام ڏنل رليف مان فائدو حاصل ڪري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.