ڀارت جو دفاعي خرچ گهٽائڻ لاءِ  فوج ۾ عارضي بنيادن تي ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو

ڀارت دفاعي خرچن جي بار هيٺ دٻجي ويو، پينشن سميت ٻين خرچن جي ڪٽوتي لاءِ فوج ۾ عارضي بنيادن تي ڀرتي شروع ڪري ڇڏي.

خابرو اداري موجب نيون ڀرتيون عارضي بنيادن تي چئن سالن لاءِ ڪيون وينديون.

نئين نظام تحت 17 کان 21 ورهين تائين جي نوجوان مرد ۽ عورتن کي هٿياربندي فوج ۾ چئن سالن لاءِ ڀرتي ڪيو ويندو.

حڪومت اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ سال 46 هزار اهلڪارن کي چئن ورهين جي مدت لاءِ ڀرتي ڪيو ويندو، انهن مان 11 هزار 500 اهلڪارن جي سروس مدو پورو ٿيڻ باوجود به جاري رکي ويندي.

واضح رهي ته  ڀارتي فوج 13 لک 80 هزار آفيسرن ۽ اهلڪارن تي ٻڌل آهي، تجزيه نگارن موجب وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت سان نئين ڀرتي منصوبي ذريعي فوج جا پينشن خرچ گهٽائي سگهبا جنهن سان دفاعي بجيٽ جو وڏو حصو خرچ ٿي ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.