سنڌ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جا اهم نڪتا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي ايندڙ مالي سال لاءِ1714 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.

بجيٽ جا اهم نڪتا:

  • غريبن جي سماجي تحفظ ۽ اقتصادي استحڪام لاءِ 26.85 ارب رپين جو پيڪيج
  • زراعت: آبادگارن کي ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن لاءِ 3000 ملين رپين جي سبسڊي
  • ليبر: بينظير وومين ايگريڪلچرل ورڪرز پروگرام 500 ملين رپين کان شروع
  • اسپيشل ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جو کاتو: معذورن لاءِ 250 ملين رپين جا فنڊ جاري
  • يونيورسٽين کي گرانٽ: شاگردن/پوزيشن هولڊرز جي اسڪالرشپ لاءِ 1200 ملين رپيا مختص، نائين کان ٻارهين جماعت جي رجسٽريشن، داخلا ۽ سالياني امتحان جي فيس لاءِ 2000 ملين مختص
  • انفارميشن ٽيڪنالاجي: صحت، زراعت ۽ تعليم لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارم جي ترقي لاءِ 500 ملين رپيا مختص
  • سيڙپڪاري: اين اي ڊي ٽيڪنالاجي پارڪ ۾ 1000 ملين رپين جي ايڪٽويٽي سيڙپڪاري، ايس اي ڊي ايف ذريعي سنڌ انٽر پرائز ڊويلپمينٽ فنڊ، ايس اي ڊي ايف ذريعي عالمي ٽيڪ پليئرز جي سهڪار سان نوجوانن لاءِ 100 ملين رپين جو ڊجيٽل اسڪلز ٽريننگ پروگرام، 100 ملين رپيا ايس اي ڊي ايف ذريعي سيڪٽر جا مخصوص انڪيوبيٽرز ۽ ايڪسلريٽرز قائم ڪرڻ
  • هائوسنگ: سنڌ ۾ غريبن لاءِ هائوسنگ يونٽس قائم ڪرڻ لاءِ 2000 ملين رپيا مختص
  • لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز: غريب گهراڻن کي چوپائي مال جي فراهمي لاءِ 500 ملين رپيا مختص، 500 ملين رپيا سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز انٽر پرائز ڊويلپمينٽ لاءِ مختص
  • سماجي ڀلائي: 100 ملين رپيا موجوده يتيم خاني جي اصلاح/قائم ڪرڻ لاءِ مختص، سنڌ ۾ اولڊ ايج هومز جي اصلاح لاءِ 100 ملين رپيا مختص
  • سماجي تحفظ: سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام لاءِ 15000 ملين مختص
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.