موري ۾ زخمي زال کي مڙس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

مورو (رپورٽ: شاھنواز ڀٽي) موري ۾ مڙس پنھنجي زال تي پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، شهر جي ڄام محلي ۾غلام مرتضيٰ   عرف  پهلوان سيال گهرو اڻبڻت تان پنهنجي زال هيلٿ ورڪر شمس النساءِ تي پسٽل جا فائر ڪري ڏنا، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت ٿڏي تي مارجي وئي جڏهن ته رڙين تي  پاڙيسرين جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.قتل ٿيل ھيلٿ ورڪر شمس النساءِ جي ٻارن ٻڌايو ته اسان جي ماءُ  کي 20 ڏينھن اڳ بابي ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪيو ۽ فرار ٿي ويو، 20 ڏينھن نواب شاھ ۾ علاج ڪرائڻ بعد ڪجهھ بھتر ٿيڻ بعد گھر پھتاسين ته بابا  به پهتو، جنهن امان کان معافي ورتي، ان دوران هنن جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، بابا پسٽل جا فائر ڪري امان کي قتل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.