حڪومت چين کان امداد ملڻ تي هنبوڇيون هڻي رهي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت ڪو به هڪ ارب ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، چين کان امداد پاڪ  فوج جي ڪري ملي آهي. پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه بابت ڪيس ۾ ضمانت لاءِ عدالت پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شيخ رشيد چيو ته هنن ماڻهن مون خلاف 25 ٿاڻن تي درخواست ڏني آهي، جڏهن ته ٻن ۾ ضمانت ٿي وئي آهي. احتحادي حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته هي چين کان امداد ملڻ جو شور مچائي رهيا آهن، حڪومت ڪو به هڪ ارب ڊالر ڏين لاءِ تيار ناهي، امداد پاڪ فوج جي ڪري ملي آهي. عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي شيخ رشيد چيو تھ عوام جي اڪثريت جند آجي ڪرائڻ چاهي حڪومت کي بيساکين جو سهارو آهي، جيڪو جلد ڪرڻ وارو آهي، بيساکيون هٽندي ئي حڪومت ڌڙام سان ڪري پوندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.