ڊالر وڌيڪ ٻه رپيا مهانگو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به ٻاڙائي، 1134 پوائنٽون گهٽجي ويون

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو نئين ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن به برقرار رهيو. انٽر بئنڪ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جو اگهه هڪ رپيو 51 پئسا واڌ سان 203 رپيا 86 پئسا رهيو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 2 رپيا واڌ کانپوءِ 205 رپيا رهي. هوڏانهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس 1134 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 879 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1236 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، انڊيڪس   گهٽ ترين سطح 40833 رهي. بازار ۾  16 ڪروڙ 37 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جنهن جي ماليت 4 ارب 35 ڪروڙ رپيا رهي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 178 ارب رپيا گهٽ ٿي 6849 ارب رپيا آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.