ھنڱورجا ۾ستون ڪتابي ميلو ، نوجوانن پاران ڪتابن جي خريداري ۾ دلچسپي

ھنڱورجا (ن ع آ) ھنڱورجا ۾ سنڌ سڀا پاران سنڌ اندر ستون ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو,نوجوانن پاران ڪتابن جي خريداري ۾دلچسپي. سنڌي انعام سنڌ سڀا سٿ سان گڏ ھنڱورجا ۾ ٻيھر ڪتابي اسٽال لڳايا شھرين توڙي سماجي اڳواڻن نوجوانن پاران دلچسپي سان ڪتاب خريد ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ھنڱورجا يوٿ فورم جي صدر جميل علي ڀٽو,جنرل سيڪريٽري شاھد رسول قريشي سموري ٽيم سان گڏجي ادب ۽ تاريخ جي ڪتاب خريد ڪيا. ھنڱورجا پريس ڪلب جي صدر فرمان سھتو سميت صحافين پڻ ادبي ڪتاب ورتا.ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت علي سھتو,گلزار حسين ۽ ٻين اسٽالن تي پھچي معائنو ڪيو.سنڌي انعام ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي 6 شھرن ۾ شھرين پاران شاندار موٽ ملي آهي ھنڱورجا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اسٽال بند ڪرايا ويا پر ھنن ٻيھر اچي اسٽال لڳايا آهن.ھوڏانھن ھنڱورجا واسين پاران سوشل ميڊيا تي پڻ ڪتابي ميلو لڳڻ جي شاندار آجيان ڪندي ڀرپور سھڪار جي خاطري ڪرائي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.