عمر ڪوٽ کان ڪراچي ويندڙ روڊ جو ڪم بند، رهواسين پاران ڌرڻو

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ کان ميرپورخاص، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڏانھن ايندڙ ويندڙ روڊ جو ڪم راجا رستي اسٽاپ وٽان گذريل ڪيتري وقت کان بند ھجڻ خلاف عمرڪوٽ ۾ روڊ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سياسي سماجي ڌرين، قومپرستن، شھرين طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ۽ سخت نعري بازي ڪئي ويئي احتجاج دوران دانھيندي اڳواڻن علي رضا راڄڙ، حاجي ساند، ميھار بنگلاڻي، اڪبر پلي، اشرف پلي، گل بجير ۽ ٻين چيو ته عمرڪوٽ کان ميرپورخاص ڏانھن ويندڙ روڊ جو ڪم ڪافي وقت کان بند پيل آھي جنھن ڪري 15 منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿئي ٿو جنھن ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جي مسافرن کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو ۽ روڊ حادثا پڻ محمول بڻيل آھن ھنن چيو ته مک روڊ جو ڪم ڪافي وقت کان بند ھجڻ ڪري علائقي واسي ۽ ڳوٺاڻن کي به پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي جنھن لاء اسان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اڌ ۾ رھيل روڊ جو ڪم جلد مڪمل ڪري مسافرن کي سھولت فراھم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.