لاڙڪاڻي ۾ بي ايڊ جو رزلٽ آئون نه ٿيو، شاگردن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول جي عمارت ۾ قائم ڪيل لاڙڪاڻه اسٽڊي سينٽر ۾ بي ايڊ جا  ڪورس ڪندڙ شاگردن طرفان 2019ع کان رزلٽ جاري نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شاگردن منصور علي جهتيال، الطاف چانڊيو، وڪي ڪمار، عرفان علي جانوري، زبير جوڻيجو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي نگرانيءَ هيٺ لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول جي عمارت اندر قائم ڪيل لاڙڪاڻه اسٽڊي سينٽر ۾اسان 200 شاگردن ۽ شاگردياڻين 2019ع ۾ بي ايڊ ڏيڍ سال واري ڪورس کي مڪمل ڪري امتحان ڏنا آهن، جڏهن ته هر هڪ شاگرد کان هر سيمسٽر جي امتحاني فارم لاءِ 20 هزار رپيا فيس ورتي وئي آهي، پر افسوس جو ٽي سال گذرڻ جي باوجود اسان جي متحانن جا نتيجا جاري نه ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون. هنن چيو ته سينٽر جو پرنسپال پروفيسر مشتاق ميراڻي توڙي ٻيو عملو هر ڀيري اسان کي نتيجا جلد جاري ڪرڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا ،نتيجا جاري ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.