اوتاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.
جسٽن ٽروڊو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جو اطلاع ڏنو.
هن چيو ته منهنجي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري اچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ مان اڪيلائي اختيار ڪندي احتياطي اپائن تي عمل ڪندس.
I’ve tested positive for COVID-19. I’ll be following public health guidelines and isolating. I feel okay, but that’s because I got my shots. So, if you haven’t, get vaccinated – and if you can, get boosted. Let’s protect our healthcare system, each other, and ourselves.
— Justin Trudeau (@JustinTrudeau) June 13, 2022
سندس چوڻ هو ته منهنجي طبعيت بهتر آهي، ڇو ته مان ڪورونا ويڪسينيشن ڪرائي چڪو آهي پر عوام کي اپيل آهي ته جيڪڏهن توهان ڪورونا ويڪسين ناهي لڳرائي ته لڳرائيڇڏيو.
ڪينيڊين وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جن جي ويڪسينيشن مڪمل ٿي وئي آهي، اهي بوسٽر ڊوز لڳرائين.