لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) نيٽ فليڪس جي مقبول ترين سيريز اسڪوئيڊ گيم جي سيزن 2 جي تياري جو باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي.
اسٽريمنگ ڪمپني هڪ ٽوئيٽ ۾ اسڪوئيڊ گيم جي ٻئي سيزن جو باضابطا اعلان ڪندي ٻڌايو ته اسڪوئيڊ گيم جي سيزن ٻه سان واپسي ٿي رهي آهي.
ان سان گڏ هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ڪجهه تفصيل به ٻڌايا ويا آهن.
اسڪوئيڊ گيم جي ڊائريڪتر ۽ رائيٽر هوانگ ڊونگ هيوڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته جي هون واپس اچي رهيو آهي، فرنٽ مين واپس اچي رهيو آهي جڏهن ته ينگ هي جي بواءِ فرينڊ کي متعارف ڪرايو ويندو.