لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي 3 هزار 226 ارب رپين جي ماليت واري بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير اويس لغاري بجيٽ پيش ڪندو.
پنجاب وزير حمزه شهباز جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جا امڪان آھن، پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ به اپوزيشن جي هنگامي جا پڻ امڪان آھن.
پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ طرفان بجيٽ اجلاس ۾ احتجاج جو فيصلو، اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب مڪمل طور پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو آهي، صوبي کي حمزه شهباز نه، آءِ جي پيو هلائي.