اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ دور ۾ آبي وسيلن جو وفاقي وزير رهندڙ مونس الاهي ايف آءِ اي جي نشاني تي اچي ويو آهي. وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) پرويز الاهي جي پٽ ۽ ق ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبر مونس الاهي خلاف جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايم اين اي مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جاچ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي طرفان ڪافي شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن ۽ حڪومت شاهديون ملڻ کانپوءِ جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته مونس الاهي ۽ سندس خاندان جي ڏي وٺ کي چيڪ ڪيو، جنهن بعد حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو. ايف آءِ اي موجب ثبوت ملڻ بعد مونس الاهي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. 03